تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ختم، حڪومت کي چونڊن لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت

 

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته 6 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته 20 لک ماڻهن سان گڏ وري اسلام آباد ايندس.

جناح ايونيو اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 30 ڪلاڪن ۾ ڪينٽينر تي پشاور کان هٿي پهتو آهيان، رستن ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو .

سندس چوڻ هو ته آزادي جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر قسم جو طريقو استعمال ڪيو ويو پر 30 ڪلاڪن ۾ ڏٺم ته قوم غلامي جي خوف مان آزاد ٿي وئي آهي، جهڙي نموني آزادي جي تحريڪ ۾ شامل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شلينگ جو مقابلو ڪيو ان جو مثال نٿو ملي.

عمران خان چيو ته ڇا جهموريت ۾ اهڙي قسم جا طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن، هڪ ساٿي کي اٽڪ ۾ راوي دريا ۾ ڪيرائي شهيد ڪيو ويو ، ٽن ڪارڪنن کي ڪراچيءَ ۾ شهيد ڪرڻ جون به خبرون مليون آهن، اسان جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويوآهي.

هن چيو ته ڊيڄاريو وڃي ٿو ته جيڪڏهن خيرات نه ورتي ۽ قرض نه مليا ته ملڪ نه هلي سگهندو، قوم ڪنهن به صورت ۾ آمريڪي سازش تحت امپورٽڊ حڪومت کي تسليم نه ڪندي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان اعلان ڪيو هيوسين ته الڪيشن ڪميشن جي اعلان تائين اسلام آباد ڌرڻو هڻي ويهنداسين، پر گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏٺوسين ته هي ماڻهو ملڪ کي فسادن ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن،  هي ماڻهو فوج ۽ پوليس سان اسان کي وڙهائڻ چاهن ٿا، پر هي پوليس به اسان جي آهي ۽ عوام به اسان جو آهي، اسان ملڪ کي ورهائڻ ناهيون آيا پر قوم کي سنوارڻ  لاءِ آيا آهيون.

هن چيو ته حڪومت کي 6 ڏينهن ڏئي رهيو آهيان، اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ۽ جون ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري قوم ساڻ وٺي ٻيهر اسلام آباد ايندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.