اي وي ايم ۽ اوور سيز پاڪستانين جي ووٽ ڏيڻ بابت اڳوڻي حڪومت جون ترميمون ختم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوور سيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت اڳوڻي حڪومت طرفان ڪيل ترميمون ختم ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو.

چونڊ سڌارن بابت ترميمي بل 2022ع پارلياماني مامرن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2022 اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪلڻ جو قائدو معطل ڪرڻ جي رٿ به منظور ڪئي وئي آهي.

ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني  ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مضبوط اليڪشن ڪميشن ۽ مضبوط قانون جي سدائين ضرورت رهي آهي، اسان سدائين اليڪشن ۾ اِن معاملي ۾ متاثر رهيا آهيون، موجوده حڪومت جيڪي ترميمون ڪيون ويون آهن، اُهي وقت جي گهرج  هئي.

سندس چوڻ هو ته جن پارٽين جي ايوان ۾ نمائندگي ناهي، انهن کان به راءِ وٺڻ ضروري آهي، 2017 ع ۾ منظور ڪيل بل جيڪڏهن واپس ٿي رهيو آهي ته اسان اُن جي حمايت ڪنداسين.

قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي اليڪشن ڪرائڻ جي ترميم ڪئي وئي، اي وي ايم تي اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيئي  اعتراض واريا، عمران حڪومت گهٽ فرق سان بل قومي اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو، بل جڏهن سينيٽ آيو ته اُن کي ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو

اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته اسان ان تي ڪيئي اجلاس ڪيا، رولز کي بلڊوز ڪري بل منظور ڪيو ويو پر پوري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ذريعي چونڊون ڪرائڻ ممڪن نه آهي.

هن چيو ته اڄ ايجنڊا ڪافي ڊگهي آهي، نيب ترميمي بل به اڄ منظور ڪرايو ويندو، جڏهن ته چونڊ سڌارن لاءِ پارلياماني ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ سمورين سياستي پارٽين جي نمائندگي آهي، ڪيمٽي ۾رڳو اُهي شامل ناهن جيڪي ٻاهر وڻن ۽ ملڪتين تي باهيون ڏئي رهيا آهن.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميم جي بل جي شق وار منظوري ورتي وئي ۽ بل منظوري کانپوءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوور سيز پاڪستانين جي ووٽنگ بابت اڳوڻي حڪومت جون ڪيل ترميون ختم ٿي ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.