لانگ مارچ، حڪومت طرفان طاقت جو استعمال ۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو

پي ٽي آءِ جي شروع ٿيل لارنگ مارچ ۽ حڪومت طرفان ان کي روڪڻ واري فيصلي ۽ عمل تي سپريم ڪورٽ ۾ داخل هڪ درخواست تي پنهنجي فيصلي ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ احتجاج لاءِ اسلام آباد جي سيڪٽر ايچ 9 ۽ جي 9 جي وچ ۾ جڳهه ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس اعجاز الا حسن جي سربراهيءَ ۾ عدالت جي ٽه رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن کي هيسائڻ جي دوخواست جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪيو.

سپريم ڪورٽ اهڙو فيصلو عدالت ۾ موجود تحريڪ انصاف جي ان پڪ ڏيارڻ کانپوءِ اجازت ڏني ته پارٽي سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان نه رسائيندي. سپريم ڪورٽ اهو به چيو ته اميد آهي ته ٽاپ ليڊرشپ پنهنجي ورڪرن کي قانون هٿ ۾ به کڻڻ جي هدايت ڪندي. اٽارني جنرل ٻڌايو آهي ته تحريڪ انصاف سري نگر هاءِ وي تي ڌرڻي جي اجازت گهري هئي پر سيڪيورٽي صورتحال سبب سري نگر هاءِ وي تي ڪٺي ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته سيڪيورٽي ايجنسين جي رپورٽ مطابق عمران خان جي پنهنجي جان کي خطرو آهي. مٿس خود ڪش حملي جو به خطرو آهي. هوڏانهن بابر اعواڻ چيو آهي ته انتظاميا سان ڳالهين لاءِ چار رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ اهو به چيو ته حڪومتي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذاڪراتي ڪاميٽي جو اجلاس رات ڏهين وڳي گهرايو وڃي.

عام طور تي اهو خيال هو ته موجوده وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ها ۽ جيڪڏهن ان لانگ مارچ ۾ وڳوڙي حالتون پيدا ٿين ها ته پوءِ حڪومت طاقت جو مظاهرو ڪري ها پر ڏٺو اهو ويو ته شهباز شريف جي حڪومت پنهنجن اتحادين سان گڏ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي روڪڻ جو فيصلو ۽ ان ڏس ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هنيا، چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو ۽ 24 مئي تي ئي اسلام آباد ۽ مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ جي قافلن کي روڪڻ لاءِ رستن تي ڪنٽينر رکيا ويا ۽ مختلف علائقن کي نوگو ايريا بڻايو ويو.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي پهرين ۽ آخري ذميواري حڪومت جي آهي. اها به حقيقت آهي ته عام ماڻهو روز روز جي لانگ مارچن ۽ ڌرڻن کان بيزار ٿي ويو آهي. ملڪ جون معاشي حالتون انتهائي ڳنڀير آهن. پاڪستان ۾ سريلنڪا جهڙي بحران جو خطرو آهي. اهڙي صورت ۾ وفاقي حڪومت جو خيال آهي ته جلد چونڊون ڪرائڻ بدران ان هائوس جيڪا حڪومتي تبديلي آئي آهي تنهن تي حڪومت ڏيڍ سال جو مدو پورو ڪري ۽ چونڊ سڌارا آڻي پوءِ چونڊون ڪرائي ۽ ملڪ کي تيستائين معاشي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري. جڏهن ته پي ٽي آءِ جو زور آهي ته هن امپورٽڊ حڪومت کي جيڪا آمريڪا جي سازش تحت وجود ۾ آئي آهي تنهن کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق نٿو پهچي، معاملو عوام جي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي، اهو نئين حڪومت چونڊي بجاءِ ان جي ته آمريڪا جي حڪم تحت هڪ حڪومت ختم ڪري ٻي ٺاهجي ۽ ان جي غلامي قبول ڪجي. پي ٽي آءِ موجوده تحريڪ به ان هڪ نقطي تي ٻڌل آهي ته جيستائين موجوده اسيمبليءَ کي ٽوڙي، نگران حڪومت ٺاهي نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان نٿو ڪيو وڃي تيستائين تحريڪ اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏئي ويٺي رهندي. جڏهن ته وفاقي حڪومت سندن مطالبن کي مڃڻ کان صاف جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪالهه ملڪ اندر جيڪي وڳوڙي حالتون پيدا ٿيون جنهن جي خطري جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي تنهن جو هڪ سبب حڪومت طرفان غير ضروري طور طاقت استعمال ڪرڻ هو جنهن کان سپريم ڪورٽ حڪومت کي منع به ڪيو آهي. جيڪڏهن حڪومت پاڻ ٿورو صبر ۽ تدبر جو اظهار ڪري ها ۽ غيرضروري طاقت جو استعمال نه ڪري ها ته گهٽ ۾ گهٽ ڪالهه واريون وڳوڙي حالتون پيدا نه ٿين ها.

هوڏانهن پي ٽي آءِ جي اڳواڻن به برابر گهربل ذميواري جو مظاهرو ناهي ڪيو. خوني مارچ جو چتاءُ، هر قسم جي حڪومتي رنڊڪ کي ٽوڙڻ ۽ جهاد جا اعلان، ڪنهن ريت به درست نه هيا. اهڙن اعلانن سبب حڪومت دفاعي پوزيشن ۾ هلي وئي ۽ ان کي سخت قدم کڻڻا پيا پر ان معاملي ۾ حڪومت جي گهرو وزير رانا ثناءُ الله جا بيان به ٻرندي تي تيل هاريندا رهيا.

مسلم ليگ (ن) جي حڪومت باقاعدي پاڻ کي مقابلي جي صورت ۾ اڳيان آندو. جيڪو عمل غلط هو، حڪومت کي جوش بدران هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ انکي وڌيڪ صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته معاملن کي درست رخ ۾ هلائڻ جي ذميواري سندن آهي، اپوزيشن جي ناهي. پي ٽي آءِ کي به هڪ اڳوڻي حڪومت هئڻ ناتي اپوزيشن ۾ هوندي به ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ اهو تاثر نه ڏيڻ گهرجي ته اسان جيڪڏن حڪومت ۾ ناهيون ته ڪنهن ٻي حڪومت کي هلڻ نه ڏبو. ان ڳالهه جي به ڪهڙي پڪ آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ چونڊن ۾ هارائي ٿي ته پوءِ اها اهو فيصلو قبول ڪندي ۽ ٻي کٽيل جماعت کي حڪومت ڪرڻ ڏيندي، ڪو احتجاج نه ڪندي ۽ ڪا تحريڪ نه هلائيندي.

بهرحال هن وقت تائين جون جيڪي خبرون آهن تن مان معلوم ٿيو آهي ته سپريم ڪورٽ وانگر ڪجهه رياستي ڌريون ٽيا ڪڙيءَ جي ڪوشش ۾ آهن ۽ هيءُ ايڊيٽوريل جيستائين اوهان کي پڙهڻ لاءِ ملندو تيستائين حالتون ڪنهن منطقي نتيجي تي پهچي به چڪيون هونديون. اسا به اهو ئي چاهيون ٿا ته قانون کي هٿ ۾ کڻڻ بدران ۽ عوام جي وهنوار کي متاثر ڪرڻ بدران سياسي پارٽيون احتجاج به ڪن ۽ حڪومت انهن کي اهو حق به ڏئي پر عوام جي وهنوار کي متاثر ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي پوءِ اها حڪومت هجي يا سياسي جماعتون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.