مڪاني چونڊن جون تياريون ۽ زميني حقيقتون

غلام حسين جوڻو

اسان جي پياري ملڪ ، پاڪستان ۾ اڄ ڏينهن تائين جيڪي به چونڊون ٿي گذريون آهن. سي صاف ۽ شفاف ڪونه ٿيون آهن.جن ۾ ڪا ڳڙ ٻڙ ضرور ٿي آهي. آئون پنهنجي سانڀر ۾ ، جنرل يحيٰ خان جي دور ۾ ٿيل چونڊن کي ياد ڪندو رهندو آهيان. منهنجي نظر ۾ ، اهي چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيون هيون. ان ۾ ڪا به افرا تفري ڪونه ٿي هئي. بلڪل پرامن نموني سان اليڪشن جو عمل پورو ٿيو هو. قوم، اڄ به ان چونڊ کي ياد ڪندي رهندي آهي ۽ دل سان مڃيندي ته ، اهڙي صاف اليڪشن وري ٻيهر ڪونه ٿي آهي. ان کان پوءِ ، هر اليڪشن تي آڱريون کڄنديون رهيون آهن ۽ تنقيد ٿيندي رهي آهي. هاڻي به ، سنڌ جي چوڏهن ضلعن ۾ مڪاني چونڊن ٿيڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. اميدوارن جا فارم ڀرجي چڪا آهن. اهي چونڊون 26 جون تي ٿينديون. جنهن لاءِ زور ۽ شور سان تياريون شروع ٿي چڪيون آهن. اميدوار سندرا ٻڌي هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا آهن. هن وقت ڪافي پارٽيون ميدان ۾ لٿل آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي (زرداري گروپ)، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف ، جمعيت العلماءِ اسلام (فضل الرحمان) ، پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) ۽ ٻين به ڪيترن ئي پارٽين جا اميدوار مذڪوره چونڊن ۾ پنهنجا فارم ڀري چڪا آهن. جاچ پڙتال جو عمل به ڪافي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي. جاچ پڙتال (Scrutiny) وقت ڪن آفيسرن ، حڪمران جماعت جو پاسو وٺندي مخالف پارٽين جا چونڊ فارم بلا جواز رد ڪري ڇڏيا آهن. اطلاع آهي ته تعلقي قاضي احمد ۾ آر او فرمان گپچاڻي ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪن اميدوارن جا فارم بنا جواز رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ پنهنجي آفيس کي تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. ان عمل تي “سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي” جي همدردن احتجاج به ڪيو آهي. پر، ڄاڻايل  آفيسر سندن احتجاج ڏانهن ڪو به ڌيان ڪونه ڌريو آهي. جنهن ڪري اميدوار پريشان ٿي ويا آهن. شايد صاحب موصوف ، ڀوتارن جي ونگار پيو وهي ۽ انهن جي اشاري تي عمل پيو ڪري. ٻئي حالت ۾ کيس آفيس ڇڏي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. اهڙي ڪارروائي نه رڳو قاضي احمد تعلقي ۾ ٿي گذري آهي. پر، سنڌ جي ڪن ٻين علائقن ۾ به ايئن ڪيو ويو آهي.

اهو به ، معلوم ٿيو آهي ته ، ڪن هنڌن تي تجويز تائيد ڪندڙن کي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جي وقت کان اڳ ۾ گم ڪيو ويو آهي يا کين واسطيدار دفترن تائين پهچڻ ۾ رنڊڪون ۽ رڪاوٽون وڌيون ويون آهن ته جيئن اهي اسڪروٽني (Scrutiny) مهل حاضر نه رهن ۽ اميدوار جو فارم بحال ٿي نه سگهي ۽ اهو رد ٿي وڃي. اهڙيون ڪريل حرڪتون به ٿي رهيون آهن. جيڪي ڀوتار ، وڏيرا ، سرمائيدار ۽ جاگيردار ڪرائيندا وتن. ڪن هنڌن تي مخالف اميدوارن تي دٻاءَ به وڌو ويو آهي. کين ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. خوف ۽ ڊپ به ڏنو پيو وڃي ته جيئن  هو، اليڪشن ۾ نه بيهن ۽ هٿ کڻي وڃن. ايئن ڪرڻ سان ڀوتارن جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي سگهن ۽ هو، پنهنجي پارٽي جي اعليٰ قيادت کي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري داد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين. اها ، چونڊن ۾ ڪاميابي ته ڪونه چئبي. پر، ان کي ڌانڌلي چئي سگهجي ٿو.

سنڌ ۾ ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. اها، حڪومت گذريل پندرهن سالن کان وٺي لاڳيتو هلندي پئي اچي. اهو ، هڪ ڊگهو مدو آهي. جنهن ۾ صوبي کي ترقي ڏياري سگهبي هئي. پر، ان دوران سنڌ کي ڪا خاص ترقي ڏياري ڪونه ويئي آهي. سنڌ کنڊرات ٿيندي پئي وڃي. جنهن ڪري ان پارٽي جي ناقص ڪارڪردگي  جي ڪري ئي سدائين تنقيد ٿيندي رهي ٿي هاڻ جڏهن مڪاني چونڊن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي . ابتدائي مرحلا پورا ٿيا آهن . حڪومت پوليس جي زور تي مخالفن کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي . ان حوالي سان ، هونئن ته کوڙ مثال سامهون آهن . پر ، تازو سڪرنڊ ۾ ، مسٽر حاجي خان ڪيريو کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو . ياد رهي ته ، سندس تعلق “ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي” سان آهي . جڏهن اها خبر ڄاڻايل پارٽي جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي پئي ته انهن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو . تڏهن پوليس کيس آزاد ڪري ڇڏيو . اهڙي طرح سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ جتي بيان ڪيل چونڊون ٿي رهيون آهن . اتي پوليس ڀوتارن جي ونگار وهي رهي آهي ۽ مخالفن جي چونڊ مهم ۾ ح جڪجرنڊڪون ، رڪاوٽون ۽ رخنا وجهي رهي آهي ته جيئن اهي سنڌ حڪومت مخالفت ۾ نه بيهن. پر، آئون سمجهان ٿو ته سندن اهو دٻاءَ ڪنهن به ڪم جو نه ٿيندو. اهو به ٻڌو اٿئون ته ، ڪن هنڌن تي حڪومت مخالف پارٽين جي عهديدارن ، ميمبرن ۽ همدردن ۽ ووٽرن تي ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن. انهن تي ايف آئي آرز به ڪٽيون ويون آهن. مختلف حيلا ۽ بهانا بنائي مخالفن کي هيسائڻ ۽ پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن هو سندن مخالفت ۾ سامهون نه اچن. انتقامي ڪارروايون به ٿي رهيون آهن. جنهن ڪري ڪي ڪمزور ۽ هيڻا ماڻهو هٿيار ڦٽا ڪري ويهي رهيا آهن.

هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته ، ڪن يونين ڪائونسلن جي وارڊن جي حد بندين ۾ هيرا ڦيري به ڪئي ويئي آهي.  هيرا ڦيري ڪرائڻ وارا حڪومت ۾ ويٺا آهن. جن پنهنجي سهولت لاءِ اهو عمل ڪرايو آهي ته جيئن هو آساني سان چونڊ کٽي سگهن ۽ تڪ بندي اهڙي نموني سان ڪئي آهي جو مخالفن جا ووٽ ورهائجي ويا آهن. اهڙيون تبديليون به ، سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ڪيون اٿن. هي سٽون لکڻ مهل ، ڪنهن دوستن فون تي ٻڌايو ته ، حڪومت جي طرفان مليل نلڪا غريبن کي ڪونه ڏنا ويا هئا ۽ سولر پليٽون جيڪي بروقت ورهائي ڪونه ڏنيون ويون هيون. اهي وڏيرن ۽ جيالن جي ڀانڊن ۽ گودامن ۾ رکيون ويون هيون. سي هاڻ ماڻهن کي ورهائي ووٽ وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. ان کان علاوه ، ماڻهن کي پئسا ڏيئي به ووٽ ورتا ويندا. ڪن نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ يعني نوڪريون وٺي ڏيڻ جا دلاسا ، آسرا ۽ ڏٺا به ڏنا ويندا. مطلب ته کين سر سبز باغ ڏيکارڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو ويندو. ڪوڙا واعدا ڪرڻ ته سندن شيوو رهيو آهي. اها، ڀوتارن جي پراڻي عادت آهي. جنهن کي هاڻ به ورجايو ويندو. ايئن ڪرڻ ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي ويندا آهن ۽ هاڻ به ڪامياب ٿيڻ جي اميد اٿن. آئون به سمجهان ٿو ته ، هن وقت به سندن ڪاميابي يقيني آهي. پر، ماضي جي ڪاميابين کان ٿوري گهٽ هوندي. ان جو سبب اهو آهي ته ، هن پارٽي جي سنڌ دشمن پاليسين جي ڪري مقبوليت ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ان جي ساک کي ڪاپاري ڌڪ پڻ رسيو آهي. ها، ان ڳالهه جو به خطرو آهي ته ، مڪاني چونڊن واري ڏينهن ڪي نامناسب حرڪتون ڪري پولنگ اسٽيشن بند ڪرائڻ ، مخالف ووٽرن کي هراسان ڪري ووٽ وجهرائڻ ، جهيڙا ڪرائڻ وغيره جهڙيون حرڪتون به ڪري سگهجن ٿيون. اهڙي انديشي ۽ امڪان کي هر گز رد ڪري نه ٿو سگهجي. اهي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون به کوڙ رڪاوٽون ۽ رنڊڪون وجهي ووٽرن کان ووٽ ڏيڻ جو حق به کسي سگهجي ٿو. اها به هڪ بي ايماني ۽ بدديانتي آهي. جيڪا آئيني حقوق جي ابتڙ آهي. بهرحال جن ڳالهين جي مون هتي وضاحت ڪئي آهي تن کي ڌانڌلي سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. اها به هڪ قسم جي ڌانڌلي آهي. جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان صورت ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون صاف ۽ شفاف هر گز ٿي نه ٿيون سگهن. اهڙين چونڊن مان اصل مقصد حاصل ٿي نه ٿو سگهي ۽ ڌانڌلي سان چونڊجي ايندڙ شخصيتون عوام جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهن ٿيون. ان باري ۾ ، هر هڪ ماڻهو بخوبي واقفيت رکي ٿو. ماضي تي جهاتي پائي ڏسبو ته ، سڀ ڪجهه معلوم ٿي سگهي ٿو. آخر ۾ ، اهو عرض ڪندس ته ، اهڙن اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪريو. جيڪي چونڊجي عوام جي صحيح نموني سان خدمت ڪن ۽ علائقي کي ترقي وٺرائي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.