ڄامشورو اتحاد جي گڏجاڻي، اميدوارن جي نالن تي غور، مخالفن کي شڪست ڏيڻ وجو وچن

ڪوٽڙي ( رپورٽ: جبارڪابورو) ڄامشورو جي مهراڻ هائوسنگ سوسائٽي ۾ بلدياتي اليڪشن لاءِ اميدوارن جي چونڊ جي سلسلي ۾ ڄامشورو اتحاد جي گڏجاڻي سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ چنگيز خان، سردار ڪانڀو خان برهماڻي، حافظ بخشل سهيڙو، شيخ عبدالله ڪوهستاني، خالد ڏيٿو، اعجاز برفت ۽ آصف ڪوريجو سوڌو ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي جي 12 وارڊن تي گڏيل اميدوار بيهارڻ جي سلسلي ۾ اڳواڻن ۽ ورڪرن کان راءِ ورتي وئي. ان موقعي تي سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ چنگيز خان ۽ سردار ڪانڀو خان برهماڻي جو چوڻ هو ته تعلقي ڪوٽڙي، مانجهند ۽ ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي ۾ اميدوار بيهارڻ لاءِ گڏجاڻين جو سلسلو جاري آهي، هن گڏجاڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي جي 12 وارڊن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ لاءِ ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن ۽ ورڪرن کان راءِ ورتي وئي ۽ وارڊن جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اتفاق ٿيو آهي ته هر ٽائون، يوسي ۽ وارڊ تي گڏيل طور اميدوار بيهاريا ويندا، مخالفن سان ڀرپور مقابلو ڪري کين شڪست ڏينداسين. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ضلعي ڄامشوري جي ماڻهن جي حق لاءِ ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، حقن واري ويڙهه ۾ ٻولهاڙي واسين جو وڏو ڪردار هوندو، ڇاڪاڻ ته کين پاڻي سوڌو بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، ڄامشورو ضلعي ۾ هڪ سازش تحت تعليمي نظام کي تباهه ڪيو ويو آهي، ڪوهستاني پٽي وارن علائقن جي حالت انتهائي خراب آهي، جتي تعليم طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي، صحت جا نظام به اڻپورا آهن، هاڻي به صحيح اميدوار نه چونڊيا ويا ته عوام کي ويتر عذاب ڀوڳڻو پوندو. هنن چيو ته ٻولهاڙي ميونسپل ڪميٽي جي رهواسين سان وڏي ناجائزي ٿي آهي، پيئڻ، صحت، تعليم، ڊرينيج سسٽم ۽ روڊ رستن کان هتي جي ماڻهن کان محروم رکيو ويو آهي، ٽينڪر مافيا کي هٿي ڏني وئي آهي، جيڪا نه ٿي چاهي ته اتان جي رهواسين کي گهرن تائين واٽر سپلاءِ ذريعي پاڻي پهچي، مڪاني چونڊن ۾ صحيح اميدوار چونڊڻ لاءِ رهواسين کي سونهري موقعو ڏنو ويو آهي، اهي اميدوار چونڊين جيڪي سندن بنيادي مسئلا حل ڪري سگهن، هتي چيئرمين يا ڪائونسلر جيڪي چونڊيا ويا انهن رڳو پنهنجا گهر ڀريا آهن . ۽ عوام جو پئسو بنگلن تي استعمال ڪيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڄامشورو واسي چورن کي سڃاڻي حقيقي عوام نمائندن کي ووٽ ڏين، گذريل 40 سالن کان ڄامشورو ضلعي جي عوام ڀوڳيو آهي، وري به ساڳين اميدوارن کي آندو ويو ته عوام پٿر واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور رهندو.

  • نيازي سرڪار جو  دور تاريخ جو بدترين دور هو: راشد سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو مڪاني چونڊن جي حوالي سان وڏي پيماني تي عوامي رابطا مهم شروع ڪندي مختلف علائقن جا دورا ڪيا. ان موقعي تي مولانا راشد محمود  سومرو خطاب ڪندي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ تمام سيٽن تي اميدوار بيهاري ڪامياب ٿي ڪري شھر کي ترقي وٺرائي سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين. هن چيو ته نيازي سرڪار جو دور پاڪستان جي تاريخ جو بدترين دور ھو، اڳوڻي حڪومت سياسي ۽ معاشي نظام برباد ڪري ڇڏيو،  نيازي سرڪار عوام کي مايوس ڪيو هو ڳجهن قوتن جي اشاري تي ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۽ جمھوريت کي قتل ڪرڻ چاھي ٿو، ھو پاڪستان کي لادين رياست بڻائڻ ٿو چاهي،. ان موقعي تي محبت علي کهڙو، طاهر خالد محمود سومرو، مولانا حميدالله سيال، مولانا محمد الياس، مولانا عبدالغفار ڀٽو، جمال مصطفيٰ تونيو، محمد کهاوڙ، مولانا عابد جان مگسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

  • لاڙڪاڻي ۾ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي فارم ڀرائيندڙ هٿ کڻي ويو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جي جنرل ڪائونسلر سان مقابلي لاءِ نامزدگي فارم ڀرائيندڙ اميدوار هٿ کڻي پيپلز پارٽي  اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ دڙي ٽائون جي يونين ڪاميٽي 5 جي وارڊ 2 تان جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي چونڊ وڙهڻ اميداور اويس علي شيخ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي سهيل انور سيال جي ڀاءُ طارق انور سيال پارٽي جي موجودگيءَ ۾ هٿ کڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سمورن اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي سٽي صدر خير محمد شيخ چيو ته گذريل بلدياتي چونڊن ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي شهر جي يوسين ۾ فتح حاصل ڪئي ۽ هن ڀيري ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي سمورن يوسيز تان ڪاميابي ماڻيندي.

  •  نوابشاهه جي يوسي دليل ديرو جي  اميدوار جون ڪارنر گڏجاڻي

نوابشاھ(بيورو رپورٽ) شھيد بينظير آباد ضلعي جي يوسي دليل ديرو 27 تي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران وائيس چيئرمين  جي عھدي تي اميدوار مگسي برادري جي معزز فتح خان مگسي پنھنجي يونين ڪائونسل جي مختلف ڳوٺن ۽ برادرين سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون انھي موقعي تي فتح خان مگسي چيو تہ ضلعو شھيد بينظير آباد پاڪستان پيپلزپارٽي جو قلعو آھي جتان عام چونڊون ھجن يا بلدياتي ادارن جون چونڊون ھتان جي غيور ۽ بھادر عوام ھميشہ پ پ کي ڀاري مينڊيٽ سان ڪامياب ڪيو آھي ھاڻ بہ اسان کي اميد آھي تہ ھتان جو عوام اسان کي پنھنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو تہ اسان بہ پنھنجي علائقي جي ھارين آبادگارن پورھيتن ۽ غريبن جي انھن جي در تي وڃي . خدمت ڪنداسين انھن جي علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سھولتون فراھم ڪيون وينديون مختلف برادرين جي معززين فتح خان مگسي تي مڪمل اعتماد ڪندي کيس ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو.

  • سيري ۾ ڳوٺاڻن جو وارڊ هڪ ٽوڙئڻ خلاف ڌرڻو

سيري (رپورٽ : ڪرشن راٺوڙ) سيري جي مختلف ڳوٺن نصرالله نوناري، لکاڏنو ڪاتيار، پنهون قمبراڻي، عثمان پٽيل، مگسي ڳوٺ، محرم شيدي ۽ ٻين رهواسين پاران علي محمدڪاتيار، ڏيون ڪمار، گڊوشيدي، نازعلي،شاهدشاھه بخاري، صحافي ڪرشن راٺوڙ، سماجي اڳواڻ محمد عمر بليدي ۽ ٻين پاران سياسي بنيادن تي يوسي سيري جي وارڊ 1کي ٽوڙي يونين ڪائونسل 82 نورائي شريف ۾ شامل ڪرڻ خلاف مين ٽنڊومحمدخان روڊ سيري ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ سياسي جماعت سندن سياسي پشت پناهي ڪندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ سياسي بنيادن تي مذڪورا ڳوٺن کي يوسي سيري مان ڪٽي نئي ٺهندڙ يوسي 82 نورائي ۾ زبردستي شامل ڪيو ويو آهي جيڪو هتان جي عوام جي حقن تي ڌاڙو ۽ سراسر ناانصافي آهي جيڪا هرگز قبول نه ڪئي ويندي ۔ اسان جي دانهڻ تي ٻڌايو ويو ته ڪجھ صبر ڪريو سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ هاڻ چيو پيو وڃي ته ڪجھ نه ٿيندو۔ هنن ٻڌايو ته اسان کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي جنهن تحت اسان جي ڳوٺن کي يوسي سيري نمبر83 ۾ شامل ڪيووڃي ٻي صورت ۾ اسان پنهنجو آئنده لاء عمل ڪورٽ ۾ پٽيشن سان شروع ڪنداسين.

  • چور دروازي کان اقتدار يا سياست ۾ نه  آيا آھيون: لياقت جتوئي

راڌڻ (ن ع آ) دادو ضلع ۾ پ پ جي اصل حريف اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آء جي مرڪزي اڳواڻ لياقت علي خان جتوئي بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ ٻيٽو جتوئي ۾ پارٽي ورڪرن ۽ دوستن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته  اوھان دوستن ڏاڍ جبر ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ جي باوجود غريبن ھارين مزدورن جي بھتري لاء مون سان گڏ بيٺا آھيو ھن چيو ته  15 سالن جي مخالفت2013 جي اليڪشن ۾ مون81 ھزار ۽ ڪريم صاحب 71 ھزار 2018 جي اليڪشن ۾ ڪريم صاحب 81 ھزار ۽ مون 94 ھزار ووٽ کنيا ھر اليڪشن ۾ غريب ھاري دوڪاندار واپاري عزت وارو ماڻھون منھنجي مدد ان ڪري ڪن ٿا ڇو ته  عزت وارو چاھي ٿو ته  منھنجي عزت بحال ٿئي روڊ رستو بجلي پيئڻ جو پاڻي بنيادي سھولتون ملن ان ڪري ھيء ڪافلو وڌندو ٿو وڃي ھن چيو ته  اسان چور دروازي کان اقتدار يا سياست ۾ نه  آيا آھيون پر اسان ماڻھن جي مسئلن سندن زندگي جي بھتري جي ڳالھ ڪيون ٿا ھن پ پ جي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن تي تنقيد ڪندي چيو ته  اسان چئون ٿا ته  اھي ڏوڪڙ اسان جون امانتون آھن عوام جا آھن جن کي اوھان کائي ھڙپ ڪري اوھان پنھنجا گھر ۽ محل ٺھرايا آھن اصل محل اھي آھن ته  اوھان غريبن پيرين اگھاڙن جي دل جيتو انھن جا ڪم ڪيو انھن جون تڪليفون دور ڪيو ھتي اوھان پنھنجي اسٽيٽ ٺاھي ڇڏي آھي انشااللھ دوستن جي مدد سان ان اسٽيٽ کي ڊاھينداسين ڊاھينداسين ھن چيو ته  ھمٿ نه  ھاريو مان اوھان جي اڳيان آھيان منھنبي اليڪشن اھا آھي ته  اوھان جا حق اوھان جون نوڪريون حاصل نه  ڪندس ته  آرام سان نه  ويھندس ھن بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ دوستن ۽ ورڪرن تي زور ڏنو ته  اميدوار اھڙا بيھاريو جيڪي کٽي سگھن اگر پارٽي مفاد ۾ ڪا قرباني ڏيڻي پوي ته  اھا ڏيو ھرو ڀرو ضد نه  ڪيو پارٽي جي مستقبل ۽ ٻارن جي مستقبل پنھنجي شھرن جي بھتري لاء صحيح فيصلا ڪيو ھن.  ڪرپشن ۽ گند کي صاف ڪرڻ لاء ۽ ھنن ظالمن مان جند ڇڏائڻ لاء پاڻ ۾ ٻڌي ڪري مضبوط نمائندا چونڊيو جيڪي کٽي سگھن عھدو يا ٽڪيٽ جي ڪا حيثيت نه آھي اصل عھدو يا ٽڪيٽ اھا آھي جو ماڻھن کي عزت ڏئي ماڻھن جي بھتري جي ڳالھ ڪري.

  • ڪراچي ۾به مڪاني چونڊن جو چهچٽو شروع ٿي ويو

گلشن اقبال (ن ع آ)ڪراچي ۾ به بلدياتي چونڊن جو چهچٽو شروع ٿي ويو آهي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ چونڊ وڙهندڙ پارٽين  جا متوقع اميدوارن ڪارنر گڏجاڻين، عذر خواهين ۽ ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي يونين ڪائونسل صفورا تي ايس ٽي پي اڳواڻ قادر گبول جوهر ڪامپليڪس ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ اڳواڻن مبارڪ ڀٽي، رفيق گبول ،رمضان گبول ،رمضان بليدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي قادر گبول چيو ته گذريل چونڊيل نمائندن ڪراچي جي ڳوٺن ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪيو صرف ڪرپشن جي بازار گرم هئي هن اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺي ميدان ماريندا سين ڇاڪاڻ ته ڪراچي جو عوام ڊاڪٽر قادر مگسي جي اميدوارن کي ووٽ ڪندا ٻئي طرف يونين ڪائونسل سچل ڳوٺ تي چيئرمين شپ لاءِ پ پ جي متوقع اميدوار عبدالحميد جويو عوام سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي حميد جويو چيو ته اڳ به عوام پ پ اميدوارن کي چونڊيو هيو هاڻ به پ پ جا اميدوار ئي ڪامياب ٿيندا.

  • قاضي احمد جي ايس يو پي اميدوار جو فارم بحال

قاضي احمد(ن ع آ)  يونين ڪائونسل سکيو مناھيجو جي ايس يو پي جي ضلع ڪائونسل جي اميدوار گلاب خان کوسو آر او نور  امين راجپوت پاران مبينا فارم رد ڪرڻ کان پوء سيشن ڪورٽ نواب شاھ ۾ ايڊوڪيٽ سچل مجيب ماڇي جي معرفت درخواست جمع ڪرائي جنهن تي سيشن جج پاران گلاب خان کوسو جو بحال ڪري ڇڏيو فارم بحال ٿيڻ کان پوء مشائخ اسٽاپ تي پھچڻ تي مسلم ليگ نواز ڊويزن انفارميشن سيڪريٽري محمد شفيق آرائين  ۽ پاران گلاب جي گلن شان شاندار استقبال ڪيو ويو انموقعي تي ضلع ڪائونسل جي اميدوار گلاب خان کوسو مسلم ليگ نواز ڊويزن اڳواڻ محمد شفيق آرائين چيو ته مخالف ڌر جي اميدوار اسان جي اميدوار جو فارم رد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سيشن ڪورٽ بحال ڪري ڇڏيو ھن چيو ته منهنجي سامھون ايم اين ايم مير غلام مصطفي شاھ جو پٽ سيد شايان شاھ فارم ڀرايو آھي جيڪو يونين ڪائونسل محراپور جو رھواسي آهي اھو سکيو مناھيجو عوام ڇا خدمت ڪندو جيڪي پنهنجي بنگلي تي آيل مھمان کي پاڻي ڪون پيارين اسان يوسي جي عوام کي اپيل ٿا ڪريون اسان اميدوارن کي پنهنجو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا جيئن اوھان جي خدمت ڪري سگھجي.

  • مخدوم رفيق ۽ مخدوم جميل الڳ الڳ پينل قائم ڪري ورتا

اڏيرولال (ن ع آ)مڪاني چونڊون ايندي ئي مخدوم هائوس هالا جا اختلاف سامهون اچي ويا آهن، چاچي ۽ ڀائيٽي پي پي ايم پي  اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ۽ پ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان هڪ ئي پارٽي ۾ رهندي الڳ الڳ پينل قائم ڪري ورتا آهن. گذريل ڏينهن تعلقي مٽياري جي يونين ڪائونسل اڏيرولال اسٽيشن جي اميدوارن کي نامزد ڪرڻ تان مخدوم هائوس هالا آمهون سامهون اچي ويا آهن. مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر ممتاز شاهه گڏجاڻي گهرائي يوسي اڏيرولال اسٽيشن مان ضلعي ڪائونسل لاءِ اڪرم بلوچ کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر ممتاز شاهه جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجو الڳ پينل قائم ڪيو آهي جنهن تان اُميدوار بيهاري رهيا آهيون. ٻئي پاسي پي پي ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان جي اڳوڻي ڪوآرڊينيٽر وڏيري محمد يوسف ڇٽي پنهنجي رهائشگاهه تي گڏجاڻي گهرائي، جنهن کان پوءِ ميڊيا کي ٻڌايو ته مخدومن جا پاڻ ۾ اختلاف آهن يا ڪونهن پر هنن يوسي اڏيرولال اسٽيشن مان اڪرم بلوچ جي سامهون وڏيرو محمد ايوب هنڱورو کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. نامزد اميدوار وڏيرو ايوب هنڱورو ٻڌايو ته پارٽي ٽڪيٽ نه به ڏني ته هو اڪرم بلوچ جي سامهون اليڪشن وڙهندو. اهڙي ريت کوڙ سارين يونين ڪائونسلن تي ٻنهي پينلن تي پ پ جا جيالا هڪٻئي جي سامهون بلدياتي چونڊون وڙهڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن. . ۽ ٻنهي گروپن جا اميدوار پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ کان پوءِ آزاد چونڊون وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. اهڙي عمل ۾ محسوس ٿي رهيو آهي ته هالا هائوس ۾ اندروني اختلاف کلي سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن.

  • نوابشاھه جي يوسي 9 ۾ پ پ مخالف اميدوار هٿ کڻي ويو

نوابشاھ( بيورو رپورٽ ) بلدياتي چونڊن جي حوالي سان نوابشاھ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پاران نوابشاھ ميونسپل  ڪارپوريشن جي لاءِ بيٺل مُک اميدوارن کي اھم سرسي حاصل ٿي آھي نوابشاھ جي يونين ڪائونسل نمبر 9 ۽ پ پ نوابشاھ اندر لياري طور مشھور علائقي تاج ڪالوني مان پ پ سميت مختلف جماعتن جي مقابلي ۾ بيٺل مزدور اتحاد جي مضبوط پينل پ پ جي اميدوار خان بھادر ڀٽي جي حق ۾ ھٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو آھي اھڙي تقريب گذريل رات نوابشاھ جي علائقي تاج ڪالوني ۾ منعقد ڪئي وئي مزدور اتحاد جي ميزباني ھيٺ ڪوٺايل انھي تقريب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نوابشاھ جي صدر ۽ يوسي 9 لاءِ پ پ پاران بيٺل چيئرمين خان بھادر ڀٽي، پ پ جي سٽي جنرل سيڪريٽري عاطف حسين زيدي، ضلعي اطلاعات سيڪريٽري راشد چانڊيو، پ پ اڳواڻن اختر رند، حنيف ڪاتيار، محمد حيات ڪاڪيپوٽو، امداد ڀٽي، ساونڻ مڪراڻي، فقير واحد بخش بروھي ۽ ٻين کانسواءِ مقامي معززين ۽ ناميارين سياسي علمي ادبي شخصيتن فياض چنڊ ڪليري، رجب راز لاکو، سيد شوڪت حسين شاھ لڪياري، غلام الدين گوپانگ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انھي موقعي تي مزدور اتحاد جي ضلعي صدر ۽ يوسي 9 لاءِ چيئرمين جي عھدي تي بيٺل ساگر حنيف لاکو، وائيس چيئرمين جي عھدي تي بيٺل پورھيت اڳواڻ وزير علي رند پنھنجي سموري پينل سميت سندن آسڻ تي آيل پ پ اڳواڻن کي مان ڏيندي يوسي 9 ۾ بيٺل پ پ جي چيئرمين جي اميدوار خان بھادر ڀٽي ۽ سندس پينل آڏو ھٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو انھي موقعي تي پ  پ اڳواڻ خان بھادر ڀٽي چيو تہ پ پ حقيقت ۾ ملڪ جي ھارين ۽ مزدورن جي حقن جي ترجمان جماعت آھي اھو ئي ڪارڻ آھي جو اسان مزدور اتحاد جي پينل جي دوستن وٽ ھلي آياسين ۽ ساگر حنيف لاکو ۽ سندن دوستن اسان کي مان ڏنو ھاڻ اسان اتحاد ۽ ٻڌي سان تاج ڪالوني جي عوام جي خدمت ڪنداسين ۽ مزدورن کي انھن جا سمورا جائز حق ڏيارڻ ۾ ڪا بہ قصر نہ ڇڏينداسين، مزدور اتحاد جي ضلعي صدر ساگر حنيف لاکو چيو تہ جمھوريت ۾ ھر جماعت جي فرد کي اميدوار بيھڻ جو حق آھي مزدور اتحاد بہ اھو حق استعمال ڪندي پنھنجو پينل بيھاريو ھُيو اسان جي پورھيتن ۽ مزدورن جا ڪيئي مسئلا ۽ مطالبا آھن اسان کي خان بھادر ڀٽي ۽ پ پ جي قيادت يقين ڏياريو آھي تہ اھي مزدورن جا سمورا بنيادي مسئلا حل ڪندا اھڙي يقين ڌياني کانپوءِ اسان پ پ کي مان ڏيندي ھٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو آھي.

  • صالح پٽ مڪاني چونڊ، جوڙ توڙ  سلسلو جاري

صالح پٽ (ن ع آ  ) صالح پٽ تعلقي جي سياسي توڙ جوڙ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي فارم وصول ڪندڙ ڪجهھ اميدوار ھڪٻئي جي حق۾ ھٿ کڻڻ تي راضي ٿي ويا آهن واضح رهي ته صالح پٽ تعلقي جي يوسي 22جنوجي چيئرمين شپ لاءِ فارم وصول ڪندڙ مبارڪ چاچڙ ۽ وائيس چيئرمين لاءِ فارم وصول ڪندڙ سليمان ملڪ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان يوسي چيئرمين شپ جي اميدوار سينيئر سياستدان نوجوان لعل ڏنو ڀنڀرو جي حق ۾ھٿ کڻي چڪا آهن لڳي ٿو ته  فائينل ميچ لعل ڏنو ڀنڀرو جي حق ۾ثابت ٿيندي.

  • اڏيرولال ۾ پ پ طرفان مڪاني چونڊن حوالي سان پينل مڪمل

اڏيرولال (ن ع آ)پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان يونين ڪائونسل اڏيرولال اسٽيشن ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان پينل مڪمل، جڏهن ته چيئرمين جي لاءِ عزت علي برهماڻي ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ احسان علي عاقلاڻي کي نامزد ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف يوسي اڏيرولال اسٽيشن مان ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي لاءِ اڪرم بلوچ کي نامزد ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان پاران ڏنل سنگنل کان پوءِ سندس ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز علي شاهه اڪرم بلوچ جي رهائشگاهه تي اجلاس سڏرائي نالن جي تجويزن ڪرڻ کان پوءِ اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي عزت علي برهماڻي ٻڌايو ته پ پ جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي اعتماد کان پوءِ بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهيون، اميد ته ڪاميابي اسان جي ٿيندي.

  • عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ سان سڪون ملي ٿو: الله بخش ٽالپر

راجوخاناڻي(ن ع آ﴾ راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ راڻو دستي ۾ مصطفي دستي بادشاھ خان دستي. الله بخش رگھ يوسف دستي فريد دستي محبوب صادق چانڊيو ايم پي اي الحاج مير الله بخش ٽالپر پاران چار ڪلوميٽرن کان مٿي ڪچو رستو ٺاھرائي  ڏيڻ جي خوشي۾ ڳوٺاڻن پاران ھڪڙي چانھ پارٽي جو بندوبست ڪيو ويو ڳوٺ پھچڻ تي آيم پي اي الحاج مير الله بخش ٽالپر مير فياض مير عمران مير عرفان انجنيئر مير فيصل جو گلن جي ورکا ۽ جيئي ڀٽو جيئي بلاول جي عوام جي نعرن جي گونج ۾ استقبال ڪيو ويو . معزن مھمانن کي ڳوٺاڻن پاران سوين اجرڪون پارايون ويون هيون چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کان حال احوال ورتا مختلف مسئلن ۽ مامرن تي تفصيلي گفتگو ڪئي انھي موقعي تي خطاب ڪندي ايم پي اي الحاج مير الله بخش ٽالپر چيو ته عوام سان گڏ ويھي عوامي انداز ۽ نج ڳوٺاڻي ماحول ڪچهريون ڪري وري مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ روحاني سڪون ملندو آهي اسان جو جئين مرڻ عوام سان گڏ اھي انشاءالله بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ملڪ عوامي راڄ قائم ڪري عوامي خوشحالي بحال ڪئي ويندي.

  • ٿرپارڪر ۾مڪاني چونڊن جون تياريون،شموليتن جو سلسلو جاري

مٺي(رپورٽ: جي آر جوڻيجو) ٿرپارڪر بلدياتي اليڪشن جون تياريون،شموليتن جو سلسلو جاري،يوسي جوڙئو جي جوڻيجا برادري جي معززن پاران ايم اين اي مهيش ملاڻي تي اعتماد ڪندي سشيل ملاڻي سان ملاقات ڪري شموليت ڪري ڇڏي آھي  يوسي جوڙئو جي ڳوٺ بکو يوسي جوڙئو جي ھنگوراڻي خاندان سان تعلق رکندڙ سڪيلڌو جوڻيجو جي ڀائٽن سھراب جوڻيجو  مطلب جوڻيجو ۽ شوڪت جوڻيجو پنھنجي برادري ۽ ساٿين سميت ارباب گروپ کي الوداع چئي پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي شموليت ڪندڙن سان ڳالهائيندي سشيل ملاڻي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين عوامي خدمت تي يقين رکندي خدمت ڪئي آھي ٿرپارڪر ۾ هاڻي مخالف ڌر جو ڪوبه وجود ناهي انهي ڪري ماڻھو پيپلزپارٽي جي عوام دوست سياست کان متاثر ٿي شموليت ڪري رهيا آھن انهي موقعي تي مطلب جوڻيجو،جاويد اختر بجير،ميهار جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا.

  • جيڪب آباد جي عدالت جي يو آءِ اڳواڻن جا فارم بحال ڪري ڇڏيا

جيڪب آباد (  ڊر  ) جمعيّت علماءِ اسلام ضلع جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن ۾ جي يوآءِ جي اميدوارن جا  نامينيشن  فارم بلا جواز رد ڪيا ويا هئا. جنهن جي لائرز ونگ  جي وڪيلن ايڊووڪيٽ عبدالرب  اوڍاڻو، ايڊوڪيٽ لالا نثار احمد پٺاڻ، ايڊووڪيٽ فيروز ۽ ٻين اپيل داخل ڪرائي ھئي جيڪا سيشن جج ظھور احمد بحال ڪري ڇڏي آهي. ڪاغذات بحال ٿيندڙن ۾ جي يوآءِ ڳڙهي خيرو جي امير ۽ سٽي جي وارڊ 3 جي اميدوار مولانا سليم الله بروھي.وارڊ 4 جي اميدوار خوشحال خان. يوسي الله آباد جي محمد خان ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته ٻين اميدوارن جي پٽيشن 26 تاريخ تي رکي وئي آهي.  انهيءَ موقعي تي ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته ڪنهن ڀوتار ۽ آر اوز جي زيادتي قبول نه ڪئي ويندي. ھن چيو ته سنڌ ۾ جي يوآءِ  ئي پيپلزپارٽي جي  سڀ کان وڏي اپوزيشن  پارٽي آهي، انشاءَ الله جي يو آءِ ڪامياب ٿيندي.

 

  • گذريل مڪاني چونڊن ۾ پ پ ڪاميابي ماڻي: جميل سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پ پ اڳواڻ  جميل احمد سومرو چيو آهي ته گذريل عام چونڊون به 25 جولاءِ جي ڏينهن سخت گرمي ۾ ٿيون  جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا گرمي ۾ جلسي ۽ جلوس ڪري سگهن ٿا ته پوءِ گرمي جي موسم ۾ چونڊون ڇو نه ٿيون ٿي سگهن، مڪاني چونڊون ڪرائڻ لازمي آهن ڇاڪاڻ جيڪي مسئلا ايم اين اي يا ايم پي ايز حل ڪري نه ٿا سگهن اهي يوسي چيئرمين حل ڪن. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو جميل احمد سومرو وڌيڪ چيو ته گذريل مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي شهر جي 20 يونين ڪاميٽين مان 15 يونين ڪاميٽين تي ڪاميابي ماڻي هئي. ۽ هن ڀيري اسان اڳ چونڊيل صرف 4 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن باقي سڀ نوان چهرا آهن . ڇاڪاڻ اسان وٽ هر يوسي ۾ 8 کان 12 اميدوار هئا جن مان اسان کي چونڊ ڪرڻي هئي هينئر جن جي چونڊ ڪئي وئي آهي ان ۾ سڀني جي گڏيل راءِ شامل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ بلدياتي چونڊن جي لاءِ آر اوز وڏي وزير جي منظوري سان مقرر ناهن ڪيا ويا پر اليڪشن ڪميشن طرفان انهن کي مقرر ڪيو ويو آهي،لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد وارا پي ٽي آءِ اميدوارن کي هٿ ٿا کڻائن ۽ ڏوڪري باقراڻي ۾ وري گڏجي چونڊ وڙهي رهيا آهن اها ڪهڙي قسم جي سياست آهي، اسان مڪاني. ان موقعي تي سنڌ ملاح فورم جي سرپرست اعليٰ سليمان ميراڻي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر جاويد حسين پنهنجي برادري سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان   ڪيو، هن چيو ته اسان جا پي ايس 11 ۾ 18 هزار ووٽ آهن اسان جي برادري ۾ شامل ميراڻي، ملاح ۽ ميربحر سڀ پيپلز پارٽي جي اميدوارن ڏيندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.