ڳاڙهي جي سامونڊي پٽي جي آبادگارن جو ڌرڻو، ٽائر کي باهه

ڳاڙهو (ن ع آ)تڪ 78 ۾ مهينن کان هٿرادو پيدا ڪيل پاڻي جي کوٽ خلاف گزريل روز جهور واه جي سوين آبادگارن حاجي نورمحمد خاصخيلي ناٿو چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايريگيش کاتو ساڪرو ۽ چونڊيل  نمائيندن خلاف سخت احتجاج ۽ نعريبازي ڪندي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڪراچي ڳاڙهو نيشنل هاء وي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ سموريون گاڏيون رڪجي ويون هاء اسڪول ٻگهاڻ جي امتحاني سينٽر جا پرچا کڻي ايندڙ عملو پڻ رڪجي ويو جنهن سبب سوين شاگرد پرچو پڻ ڪري نه سگهيا ٻئي طرف گڏ ٿيل ۽ احتجاج ڪندڙن مڊيا کي ٻڌايو ته جهور واهه جي منڍ تي بااثرن جا قبضا آھن جي زبردستي واري جو پاڻي کڻي وڃن ٿا جنهن سبب گزريل چارسالن کان هن واهه جي پڇڙ جا هزارين مال ماڻهون پيئڻ لاءِ پريشان آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.