نوابشاهه۾جھيمل شاخ جي آبادگارن پاران تيرنهن ڏينهن به احتجاج

نوابشاھه ( ڊ ر) جھيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف امير مغيري، معيز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تيرھين ڏينهن به نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ايريگيشن کاتي جا عملدار منڍ جي من پسند آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي ڏئي اسان پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته اسان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون ليڪن اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته جھيمل شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو ويو ته جيئن اسان پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ملي سگھي ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.