خيرپور اسپتال مريضن سان سٿيل،گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 2 ٻار فوت

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۽ ان جي آس پاس واري علائقن ٺيڙهي،ٻٻرلوءِ،پلھ ڳوٺ،پيرمڱيو،واري ڳوٺ،سٺيو واھ ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت گرمي سبب گيسٽرو جھڙو موذي مرض تي ضابطو اچي نه سگھيو جنهن سبب سوين ٻارڙا موذي مرض ۾ وڪوڙجي ويا آهن پر صحت کاتي ڪوبه جوڳو قدم ناهي کنيو آهي ۽ نه وري ٻهراڙي جي ۾ علائقن گيسٽرو جي روڪ ٿام لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن ان سلسي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 45 معصوم ٻارڙا سٽي سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيا ويا آهن ۽ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ۽ ان جي آس پاس واري علائقن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن جا ٻارڙا 300سئو کان وڌيڪ خيرپور جي نجي توڙي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 90 کان وڌيڪ ٻارڙن جي حياتي خطري ۾ آهي جڏهن ته 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن جن ۾ 4 ساله عمران علي ۽ 6 ساله سائمان پڻ ٻڌايا وڃن ٿا.ان سلسلي ۾ پيڊس وارڊ جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن  اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس واري علائقن ۾ سخت گرمي سبب گيسٽرو جھڙي موذي مرض ۾ واڌ آئي آهي جنهن ڪري  روزانو گيسٽرو جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا سوين ٻارڙا نجي توڙي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ڪيا وڃن ٿا هوڏانهن سرڪاري اسپتال ۾ داخل ٻارڙن جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته دوائون نه ٿيون ملن جنهن ڪري 24 ڪلاڪن اندر اسپتال جي بستري تي 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن ۽ اسان پنهنجي  مدد پاڻ دوائو خريد ڪري رهيا آهيون اسپتال انتظاميا کي ڪيترائي دفعا شڪايتون ڪيون آهن پر ٻڌي اڻٻڌي ڪيون پيون وڃن هنن ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته موذي مرض ۾ ورتل ٻارڙن جي لاءِ دوائون ڏنيون وڃن هوڏانهن گيسٽرو ۾ ورتل ٻارن جي وارثن اهو به ٻڌايو ته اسپتال اندر ڪابه سهولت موجود ناهي ڊاڪٽر صرف صبح جو ايندا آهن جيڪي به پنهنجي چيمبر تائين محدود هوندا آهن ۽ اتان ئي واپس هليا ويندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.