ٽنڊو جان محمد واسي ڪوسٽر جي ڇت تان ڪري فوت

انب موري  (ن ع آ) ٽنڊو جان محمد جي گلڻ ڪالوني جو رهواسي جاويد پٽ غلام حسين عرف ڪاڪو واڍو ڪنهن ڪم سان  حيدرآباد ويو واپس گهر موٽندي ٽنڊو محمد خان وٽ ڪوسٽر جي ڇت تان هيٺ ڪري پيو سامهون ايندڙ ڪار مٿان چڙھي ويس جنهن کي اتي بيٺل ماڻھن ۽ پوليس کڻائي سيول هاسپيٽل ٽنڊو محمد خان پهچايو جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي جنهن کانپوء سيول اسپتال جي عملي  فوتي جي کيسي مان  بندي ڪڍي جنهن  تي لکيل سندس گهر واري نمبر تي فون ڪيو ويو وارث ٽنڊو محمد خان پهچي ويا لاش پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ماء پي ڀيڻن ڀائرن ۽ سندس وني کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا  مرحوم چئن ٻارن ٻ ڇوڪريون ۽ ٻ ڇوڪرا جو اولاد ڇڏي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.