کپري ويجهو واپاري کي نشو ڏئي ڦرلٽ، دم ڏئي ڇڏيو

کپرو (ن ع آ)کپرو ويجهو ڳوٺ ڪڻڇاري جي رهواسي چوپائي مال جي واپاري  ارباب شر چوپائي مال جي پڙي ۾ گذريل ڏينهن مال کپائڻ آيو ته اڻڄاتل شاهينگن پاران نشو سنگهائي واپاري جي جيب مان روڪ رقم ڦر ڪري سانگهڙ روڊ تي اڇلائي ويا اطلاع تي کپرو پوليس پهچي واپاري کي کپرو تعلقه اسپتال آندو جتي تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو.  جتي واپاري ارباب شر دم ڏئي ڇڏيو ، فوتي جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏھن ته کپرو پوليس اڻڄاتل ماڻھن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.