پيٽرول مهانگو نه ڪرڻ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف جو پاڪستان کي قسط ڏيڻ کان انڪار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جي صورت ۾ پاڪستان لاءِ قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

آءِ ايم ايف ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ بنا قسط جاري نه ٿيندي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان جي سمورن مطالبن سان اتفاق ڪري ورتو هو پر قسط جاري ڪرڻ ۽ پروگرام جو دورانيو وڌائڻ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مشروط آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ آءِ ايم ايف کي جواب ڏيندو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ پاليسي ڳالهيون دوحا ۾ ٿيون، جنهن ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي نگران گورنر به شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.