ڄامشورو ۾ ٽرڪ ڊرائيورن جو موٽروي ۽ ڄامشوري پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

ڄامشوري ۾ ٽرڪ ڊرائيورن پاران موٽروي ۽ ڄامشوري پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ٽرڪ ڊرائيورن عاشق ملوڪاڻي، عمران مري، امداد ملڪ، رضا ڪشمري ۽ ٻين ٽولا پلازا وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري موٽروي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ٽرڪ ڊرائيورن جو چوڻ هو ته موٽروي پوليس ڪراچي ويندڙ ڪاٺ سان ڀرل ٽرڪون بنا چالان ڪٽڻ جي گذريل رات کان بيهاري چاٻيون وٺي پوليس چوڪي جي عملدرن حوالي ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي في گاڏي ڇڏڻ لاءِ 20 کان 40 هزار رپيا رشوت گهري رهيا آهن.

ٽرڪ ڊرائيورن آءِ جي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي موٽروي پوليس سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته موٽر وي ۽ ڄامشوري پوليس جو زيادتين جو نوٽيس وٺي گاڏيون ڇڏرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.