لعلورائنڪ: ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري جي رهواسين جو روڊ جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لعلورائنڪ ۾ ڳوٺاڻن پاران روڊ جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري جي رهواسين جمن مغيري، قمر عباس چانڊيو، نديم مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري جو روڊ مڪمل تباھه ٿي چڪو آهي، ورهين کان مرمت نه ٿيڻ ڪري روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي، سفر ڪرڻ وقت ڳوٺاڻن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي.

ڳوٺاڻن تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري جي روڊ کي نئين سر مرمت ڪرائي ڳوٺاڻن کي ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.