ڪوٽڙي ۾ نينگر کي مبينا طور ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، 5 ڄڻن ڪيس داخل

ڪوٽڙي ۾ نينگر کي مبينا طور ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جو نينگر جي پيءُ جي فرياد تي 5ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

شهر جي سبحان الله ڪالوني واسي 15ورهين جي زمان علي اوڍي کي مبينا طور ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو آهي.

مبينا ڏاڍائي جو شڪار نينگر جي پيءُ علي اوڊو ڪوٽڙي ٿاڻي تي پهچي پنج ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

نينگر جي پيءُ ڪيس ۾ الزام هنيو آهي ته سندس پٽ زمان علي کي جوابدار حسي ناريجو، فدي، سونو، ماجد سولنگي ۽ جيند لغاري گهمائڻ وٽ وڃڻ جي بهاني شهر جي اڪبر لان ويجهو چانهه ۾ نشو ڏئي ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي پوليس ڪارروائي ڪندي الزام هيٺ ٻن ڄڻن جنيدلغاري ۽ ماجد سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏهن ته نينگر کي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.