سمهڻ کان اڳ ڇا کائجي، ڇا نه کائجي؟ اهم خبر

 

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سڄو ڏينهن ڀڄ ڊُڪ ڪرڻ کانپوءِ انسان رات جو سڪون جي ننڊ ڪرڻ جو خواهشمند هوندو آهي پر ڪجهه ماڻهو اهڙي غلطي به ڪري ويهندا آهن، جنهن سان نه رڳو انهن جي ننڊ خراب ٿيندي آهي پر صحت تي به ناڪاري اثر پوندا آهن.

هتي اسان توهان کي ڪجهه اهڙين شين جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ جو ٻڌائي رهيا آهيون، جيڪي توهان جي ننڊ ۾ خلل وجهنديون آهن.

طبي ماهرن موجب ڪجهه شيون رات جو سمهڻ کان اڳ قطعي استعمال نه ڪرڻ گهرجن پر جيڪڏهن سمهڻ جي جلدي نه هجي ۽ صبح جو ڪو ضروري ڪم به نه هجي ته پوءِ اهي کائي يا پي سگهجن ٿيون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن ۾ سڀ کان پهرين شئي ڪافي آهي، ڪافي جو هڪ ڪوپ پيئڻ کانپوءِ رت ۾ ڪيفين جو مقدار برقرار رهڻ جو دورانيو 4 کان 5 ڪلاڪن تائين هوندو آهي.

تنهن ڪري جيڪڏهن توهان رات جو نائين وڳي به ڪافي پيئو ته 4 کان 5 ڪلاڪ ڪيفين توهان جي رت ۾ موجود رهندي، جيڪڏهن توهان جو مهل سان سمهڻ جو موڊ آهي ته ڪافي کان  بچڻ جي ڪوشش ڪيو.

غذائي ماهر هڪ ٻي شئي جو به ذڪر ڪن ٿا، جيڪا آهي چاڪليٽ بسڪيٽ پر توهان کي گهڻو حيران ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته اصل ڳالهه بسڪيٽ نه چاڪليٽ جي آهي، جنهن بسڪيٽ  ۾ چاڪليٽ هوندو آهي، ان ۾ موجود ڪيفين ننڊ اچڻ کان روڪيندي آهي ۽ ميلاٽوئن جي خارج ٿيڻ کي به روڪيندي آهي.

ماهرن ڪجهه شيون اهڙيون به ٻڌايون آهن، جيڪي ننڊ ڏيارڻ ۾ مددگار آهن، انهن جي صلاح آهي ته جيڪڏهن توهان کي هلڪي هلڪي بُک به آهي ۽ تڪڙي سمهڻ به چاهيو ٿا ته بادام يا چيري کائو، جڏهن ته ڪيمومائل چانهه به پي سگهجي ٿي.

چيري ۾ ميلاٽوئن هوندو آهي، جڏهن ته بادام ۾ ميگنيشيم سٺي مقدار ۾ هوندو آهي، جيڪو پٺاڙن کي آرام ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جڏهن ته ڪيماموئل چانهه به جسم کي سڪون ڏيندي آهي، تنهن ڪري سٺي ننڊ ايندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.