پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو.

اتر وزيرستان ۾ هڪ ٻار ۾ پوليو جي تصديق ٿي آهي، صحت واري وزارت جي ترجمان موجب هلندڙ سال پاڪستان ۾ اهو چوٿون پوليو جو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

ترجمان ٻڌايو ته هن سال سمورا ڪيس اتر وزيرستان مان رپورٽ ٿيا آهن.

هوڏانهن سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جاري آهي، ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 30 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ جو هدف رکيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.