”عمران خان کي عوام زوردار چماٽ هنئي، ادارا ڌمڪائيندڙ جي حق ۾ فيصلا ڏيڻ جي روايت نه وجهن“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام عمران کي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن جو آواز هر هنڌ ٻڌو ويو، ادارن کان ادب سان گذارش آهي ته فتني جا هٿ مضبوط نه ڪريو، اها روايت نه وجهو ته جيڪو ڊيڄاريندو ڌمڪائيندو، ان جي حق ۾ فيصلا ڏيون.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ کي سزا جي سخت مذمت ڪريان ٿي، آزادي جي جذبي کي نه عمر قيد ٿي سگھي ٿي نه ئي ان کي ڦاهي تي چاڙهي سگھجي ٿو، اڄ سموري قوم جو ڌيان ڪشمير ۽ ياسين ملڪ تي هجڻ گھرجي ها، مشعال ملڪ ٻه ڏينهن پهريون روئي اپيل ڪئي هئي ته لانگ مارچ کي ٻه ڏينهن پوئتي ڪري ڇڏيو پر عمران خان نه مڙيو.

هن چيو ته عمران خان هڪ زندهه لاش آهي، پنجاب ۾ بدليون ڪروڙين رپيا وٺي فرح گوگي ڪرائيندي رهي، اهي پئسا بني گالا ويندا رهيا، مسلم ليگ ن جو مينڊيٽ کسڻ جي بدلو اڄ پنجاب ورتو، اڄ قوم جي تيز چماٽ جو آواز گونجي رهيو آهي.

سندس موجب وزيراعظم ۽ حڪومت کي گذارش ڪئي هئي ته عمران خان کي نه پڪڙيو وڃي، قوم جو ٿورو مڃڻ چاهيان ٿي ته ان وقت سر فتني کي سڃاڻي روڪيو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ انهن جي لاءِ محفوظ رستو هو، سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي هئي ته بدامني نه ٿيندي پر اڃا حڪم جي مَس ئي نه سڪي ته هنن فيصلي جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، هنن ڊي چوڪ تي گرين بيلٽ کي باهه لڳائي، ملڪيتن کي نقصان پهچايو، اسان ته پهريون ئي چئي رهيا هئاسين ته هي ڏڦيڙ آهي، فتنو آهي، ان کي روڪيو وڃي، اڄ سپريم ڪورٽ ڏٺو هوندو ته ڪنهن ريت ان جي حڪمن کي ٿڏيو ويو، عمران خان چئي رهيو آهي ته هو ڊي چوڪ ويندا، عمران خان ادارن تي شرم جوڳا حملا ڪري رهيو آهي، هي شخص هر قيمت تي فتنو ۽ فساد چاهي ٿو.

مريم نواز چيو ته هي شخص ڪڏهن به پنهنجي محسن کي ڏنگڻ بنا نٿو رهي سگھي، اسٽيبلشمينٽ آڱر پڪڙي ڪرسي تي ويهاريو ته انهن تي شرم جوڳا حملا ڪري رهيو آهي، ماجد خان کان عليم خان تائين عمران خان بي وفائي ڪئي، ادارن کي گذارش ڪريان ٿي ته هن فتني جا هٿ مضبوط نه ڪريو، هن سموري دنيا آڏو پنهنجو پاڻ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، هن  قسم جي فتني کي فيڊ نه ڪرڻ گھرجي، اهڙي قسم جي ڊيل ڪرڻ گھرجي، جيئن قرآن پاڪ حڪم ڏنو آهي.

ن ليگ نائب صدر چيو ته 122 ارب رپين جي ايل اين جي جو تمام وڏو اسڪينڊل آهي، جيڪا عثمان بوزدار پنجاب ۾ تباهي مچائي رکي هئي، انهن سمورن معاملن کي حڪومت ڏسي رهي آهي، سمورا ڌاڙا ۽ چوريون عوام اڳيان آڻينداسين، ٻه ڏينهن اڳ ٽي پي ٽي آءِ اڳواڻ حڪومت سان ملڻ آيا، هنن جي ڳالهين جو لهجو اهو هو ته سيف ايگزٽ ڏيو، هنن ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي ڊيل جي درخواست ڪئي، اڄ به انهن جي اڳواڻن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان رابطو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.