پاڪستان جي اڳواڻي فاسٽ بالر عمر گل کي افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ باظابطا طور تي بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ عمرگل سان هڪ سال جو معاهدو ڪيو آهي، هو ان کان پهريان ٽن هفتن جي اسمائنمنٽ تي به افغان ٽيم سان ڪم ڪري چڪو آهي.
🚨 ANNOUNCEMENT 🚨
Former Pakistan right-arm fast bowler @mdk_gul has been named as the new bowling coach of our national man’s cricket team. He will step up into the role ahead of the upcoming limited-overs away series against @ZimCricketv.
👉: https://t.co/xEAIsY4rZF pic.twitter.com/FZ1J4at3gx
— Afghanistan Cricket Board (@ACBofficials) May 25, 2022
47 ٽيسٽ، 130 ون ڊي ۽ 60 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندڙ اڳوڻو فاسٽ بالر ان کان پهريان پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو به بالنگ ڪوچ رهي چڪو آهي.
واضح رهي ته هن وقت افغان ٽيم لاءِ يونس خان بيٽنگ ڪوچ جو ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهريان اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ کي سنگاپور ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجو ڪوچ مقرر ڪيو هو.