آزادي مارچ: عمران خان جو نين چونڊن جي تاريخ تائين ڊي چوڪ خالي نه ڪرڻ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو قافلو پنجاب ۾ داخل ٿي ويو ۽ اڳوڻي وزيراعظم ڪارڪنن کي ڊي چوڪ تي پهچڻ جي هدايت ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو عزم ورجايو آهي ته مان ۽ منهنجا حامي تيستائين اسلام آباد جو ڊي چوڪ خالي ڪنداسين، جيستائين ”امپورٽڊ حڪومت“ طرفان نين چونڊن جي تاريخ نٿي ڏني وڃي.

عمران خان قافلي سان گڏ صوابي کان اسلام آباد ڏانهن سفر شروع ڪيو ۽ هاڻ پنجاب ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو آهي ته اسان پنجاب ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، هاڻ اسلام آباد ڏانهن وڌي رهيا آهيون، امپورٽڊ سرڪار جو جبر اسان کي نٿو ڊيڄاري سگهي، نه ئي اسان جي مارچ جو رستو روڪي سگهي ٿو.

هن چيو ته هر شهر ۾ ماڻهو ٻاهر نڪرن، هي پاڪستان لاءِ فيصلائتو وقت آهي، مان اسلام آباد پهچي رهيو آهيان، سڀ کي پيغام ڏيو ته اسان کي ڪنهن جي غلامي قبول ناهي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ڪا رنڊڪ نه هوندي، اسلام آباد ۽ پنڊي جا ماڻهو ڊي چوڪ پهچن.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي ڊي چوڪ  نه ايڇ نائين ۽ جي نائين وچ ۾ گرائونڊ ۾ جلسي گاهه فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته اسان اسلام آباد طرف ڌي رهيا آهيون، حڪومت سان ڪنهن قسم جي ڊيل جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

عمران خان چيو هو ته اليڪشن جي تاريخ ۽ اسيمبليون ٽٽڻ جي اعلان تائين اسلام آباد ۾ رهنداسين، اسلام آباد ۽ روالپنڊي جي سمورن ماڻهن کي چوان ٿو ته اسان سان شامل ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.