بابر اعظم طرفان ٽيسٽ ميچز ۽ وومينز سيريز جو انگ وڌائڻ جو مطالبو

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ٽيسٽ سيريز ۾ وڌيڪ ٽيسٽ ميچون هئڻ گهرجن، جڏهن ته وومينز ڪرڪيٽ جو دنيا ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي، جن جون وڌ کان وڌ سيريز ڪرائڻ جي ضرورت آهي.

خانگي ٽي وي چئنل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪپتان بابر اعظم چيو ته هن وقت فرنچائز ڪرڪيٽ تمام گهڻي ٿي رهي آهي، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مشهور به آهي پر مان نٿو سمجهان ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ متاثر ٿي رهي آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ مداحن جي دلچسپي برقرار آهي، ڇو جو ٽيسٽ ميچن ۾ به دلچسپ مقابلا ٿي رهيا آهن.

بابر اعظم ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته سيريز ۾ ٽيسٽ ميچن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن وقت ٽيسٽ ميچز گهٽ ٿي رهيا آهن، ٻن ٽيسٽ ميچن بدران سيريز ۾ چار کان پنج ٽيسٽ ميچ هئڻ گهرجن، ان سان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي مقبوليت برقرار رهندي ۽ جيڪو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته فرنچائز ڪرڪيٽ سبب ٽيسٽ ڪرڪيٽ متاثر ٿيندي اهو سلسلو ختم ٿي ويندو.

هن چيو ته فرنچائز ڪرڪيٽ کيڏندڙن جو به ايترو ئي امپيڪٽ آهي جيترو ٽيسٽ ڪرڪيٽرن جو آهي.

وومينز ڪرڪيٽ تي ڳالهائيندي پاڪستاني ڪپتان چيو ته وومينز ڪرڪيٽ کي سپورٽ گهرجي، هن وقت وومين ليگز ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، سندن عالمي ڪپ به باقائدگي سان ٿي رهيا آهن پر مان سمجهان ٿو ته وومين ڪرڪيٽ  ٽيمن کي گهٽ سيريز ملي رهيون آهن.

سندس اهو به چوڻ هو ته پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ وومينز ڪرڪيٽ جو وڏو ٽيلنٽ آهي، کين گهٽ موقعا ملن ٿا ۽ سندن گڏيل سيريز وڌ کان وڌ ٿيڻ گهرجن، جيترو وڌيڪ عالمي سطح تي ووميز ڪرڪيٽ جا مقابلا ٿيندا ايترو ووميز ڪرڪيٽ کي هٿي ملندي ۽ رانديگرياڻين ۾ جذبو وڌندو.

بابر اعظم اميد ظاهر ڪندي چيو ته ان ڏس ۾ فيصلا ڪندڙ اختياريون ضرور ڌيان ڏينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.