قانون جي عملداري لاءِ عدالتي حڪم تي 100 سيڪڙو عمل ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قانون جي عملداري لاءِ عدالت جيڪو حڪم ڪندي سئو سيڪڙو عمل ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جو ماضي عدالت جي پيش نظر هجڻ گھرجي، پهريون به اهي عدالتن جي آڙ وٺي هتي آيا پوءِ ڦري ويا، سپريم ڪورٽ آئين جو محافظ ادارو آهي، آئين جو تحفظ هر اداري تي فرض آهي، عدالت آئين جي سربلندي لاءِ جيڪو حڪم ڪندي، مڃينداسين.

هن چيو ته لاهور جي ڏيڍ ٻه ڪروڙ آبادي مان ٻه اڍائي سئو ماڻهو نڪتا، انهن سان ڪي ڳالهيون ناهن ٿي رهيون ۽ نه ئي ڪو معاهدو آهي، هنن جو طوفان سوشل ميڊيا جي حد تائين هو، ڪو شرم هجيس ته عمران خان کي مارچ ختم ڪرڻ گھرجي، صوبائي وسيلن سان گڏ وفاق تي حملو ڪندڙن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هي فرمائشي گرفتاري ڪرائي رهيا آهن ۽ پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن ته وڏي سختي ٿي وئي.

سندس چوڻ هو ته پنجاب مڪمل پرسڪون آهي، ڏڦيڙ جو حصو نه ٿيڻ تي پنجاب جي عوام جو ٿورائتو آهيان، هن وقت ڪا سرگرمي آهي ته اها ڪي پي ۾ آهي، ڪي پي کان ايندڙن وٽ زراعت کاتي جي مشينري ۽ هٿيار به آهن، هو سرڪاري پروٽوڪول سان وفاق تي چڙهائي لاءِ روان دوان آهن، پاڻ انقلابي ليڊر صاحب هيلي ڪاپٽر ۾ اتي پهتو، بلوچستان ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته ڏڦيڙ ٿي رهيو آهي، سنڌ واسين به وڳوڙي مارچ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو اهي جلسو ڪرڻ چاهين ته ڪن، حقن جي لتاڙ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھي، 2014 ۾ هي عدالت جي آڙ وٺي هتي آيا هئا، پي ٽي وي تي حملو ڪندڙ اڄ ڪٿي بيٺو آهي، اسان تبليغي جماعت جي جاءِ تي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، تبليغي جماعت کي چيو آهي ته انهن کي ٻڌايو ته مديني جي رياست ڇا ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.