واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي هڪ ايليمنٽري اسڪول ۾ 18 ورهين جي نوجوان فائرنگ ڪري 21 ڄڻن کي ماري ڇڏيو.
مقامي اختيارين موجب مارجي ويلن ۾ 19 شاگرد ۽ ٻه استاد شامل آهن.
ٽيڪساس جي گورنر گريگ ايبٽ ٻڌايو ته شڪي نوجوان به پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي.
اختيارين موجب فائرنگ لاءِ هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ هڪ رائفل جو استعمال ڪيو ويو.
فائرنگ جو واقعو ٽيڪساس جي هڪ ننڍي شهر يو الڊي جي هڪ اسڪول ۾ پيش آيو، جتي 5 کان 11 ورهين تائين عمر جا ٻار پڙهندا آهن.
آمريڪي صدر جو بائيڊن ان واقعي تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي آمريڪي پرچم جهڪائي رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.