اتر ڪوريا طرفان 3 نوان ميزائل تجربا

سيئول (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا اڄ اربع  جي صبح وڌيڪ 3 بيلسٽڪ ميزائلن جا تجربا ڪيا آهن.

اها دعويٰ ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف طرفان ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته گڏيل قومن طرفان اتر ڪوريا طرفان ميزائل تجربا ڪرڻ تي پابندي آهي.

اتر ڪوريا طرفان اهي تجربا آمريڪي صدر جي خطي جي 5 ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي ڪيا ويا آهن.

آمريڪي پرڏيهي وزارت انهن ميزائل تجربن جي مذمت ڪندي اتر ڪوريا تي زور ڏنو آهي ته اهو مقصد وارين ڳالهين جو رستو اختيار ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.