اهڙيون عادتون جيڪي اوهان کي دل جي بيمارين جو شڪار بڻائي سگهن ٿيون

دل جي دوري ۽ دل جي بيمارين کان بچڻ چاهيو ته ٿا ته موجودا دور جي ان عام عادت کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو جيڪا ڪروڙين نه پر اربين ماڻهن ۾ هوندي آهي.

برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دل جي بيمارين جي هر 10 مان هڪ ڪيس جي روڪٿام رڳو ٽي وي ڏسڻ واري وقت کي گهٽائڻ سان ممڪن آهي.

ياد رهي سموري دنيا ۾ دل جي بيماري سبب سڀ کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجندا آهن.

گهڻو وقت ويهي گذارڻ دل جي بيمارين جو خطرو وڌائيندڙ اهم ترين عنصرن مان هڪ مڃيو ويندو آهي.

ان کي ئي نظر ۾ رکندي تحقيق ۾ اسڪرين جي سامهون ويهي وقت گذارڻ ۽ دل جي بيمارين جي وچ  ۾ تعلق جي جاچ پڙتال ڪئي وئي .

ان مقصد لاءِ هڪ ڊيٽا بيس يوڪي بائيو بئنڪ مان 5 لک ماڻهن جا جنياتي، زندگي جي طور طريقن ۽ صحت جا تفصيل حاصل ڪري ان جو تجزيو ڪيو ويو.

تحقيق ۾ اهو معلوم ٿيو ته هر روز 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ٽي وي ڏسندڙ فردن ۾ دل جي بيمارين جو خطرو تمام گهڻو هوندو آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي ماڻهو سڄي ڏينهن ۾ 2 کان 3 ڪلاڪ ٽي وي ڏسندا آهن انهن ۾ گهڻو وقت اسڪرين جي سامهون گذاريندڙن جي مقابلي ۾ دل جي بيمارين جو شڪار ٿيڻ جو خطرو 6 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي.

اهڙي نموني هڪ ڪلاڪ کان به گهٽ ٽي وي ڏسندڙ ۾ اهو خطرو 16 سيڪڙو تائين گهٽ هوندو آهي.

تحقيقي ٽيم ٻڌايو ته اسان جو اندازو آهي ته جيڪڏهن ٽي وي جو وقت گهٽايو وڃي ته دل جي بيمارين جي ڪيئي ڪيسن جي روڪٿام ڪري سگهجي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته تحقيق ۾ ٽي وي ڏسڻ جي عادت ۽ دل جي بيمارين جي وچ ۾ تعلق ثابت ٿئي ٿو، جيترو گهٽ وقت اسڪرين جي سامهون گذاريندئو، دل جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو امڪان ايترو ئي گهٽجي ويندو.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته تحقيق ۾ ڪمپيوٽر اسڪرين سامهون ويهي وقت گذارڻ ۽ دل جي بيمارين جي وچ ۾ تعلق جا ڪي به ثبوت ناهن ملي سگهيا.

ان ڏس ۾ محققن ٻڌايو ته ان جو سبب امڪاني طور اهو آهي ته ٽي وي ماڻهو رات جو ماني کائڻ کانپوءِ ليٽي  ڏسندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ رت ۾ سڻڀ جهڙوڪ ڪوليسٽرول ۽ گلوڪوز جي سطح ۾ واڌرو ٿيندو آهي.

اهڙي طرح ماڻهو ڪمپيوٽر جي ڀيٽ ۾ ٽي وي ڏسندي ڪجهه کائڻ پسند ڪندا آهن ۽ ڪلاڪن تائين پهنهنجي جاءِ تان چرندا به ناهن جڏهن ته ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ وقت به وقت اٿي ٻيا ڪم ڪندا آهن.

رسالي جرنل جي بي ايم سي ميڊيسين ۾ ڇپيل تحقيق ۾ شامل ماهرن جو چوڻ آهي ته صحت جو عالمي اداري گهڻو وقت ويهي نه گذارڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ڪنهن به قسم جي جسماني سرگرمين کي اختيار ڪرڻ جو چيو آهي جيڪي صحت لاءِ فائديمند هجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.