ملڪ ۾ سون جو اگهه گهٽجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ گهٽتائي ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 400 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 43 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 343  رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 22 هزار 771 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 6 ڊالر گهٽجي 1852 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.