اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان حڪومت خلاف 25 مئي تي اسلام آباد ڏانهن آزادي لانگ مارچ جي اعلان تي ڪيترين ئي شوبز شخصيتن سندس حمايت ڪندي مداحن کي مارچ ۾ شامل ٿيڻ اپيل ڪري ڇڏي.
ڪيئي شوبز شخصيتن پاڻ به لانگ مارچ جو حصو بڻجڻ جو اعلان ڪيو ۽ مداحن کي اپيل ڪندي چيو ته حڪومت خلاف ٿيندڙ مظاهرن ۾ شامل ٿيو ملڪ جي سلامتي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرو.
اڪارا مريم نفيس 24 مئي تي ئي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو هو ته هوءَ 25 مئي تي سرينگر هاءِ وي تي ٿيندڙ لانگ مارچ جو حصو بڻجندي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي مداحن کي به شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.
• #حقیقی_آزادی_مارچ@PTIofficial pic.twitter.com/hffPFxRxb4
— Mariyam Nafees Amaan (@MariyamNafeees) May 24, 2022
مريم نفيس پنهنجي پيغام ۾ اهو پڻ چيو هو ته جيڪڏهن هو اسلام آباد جا مقامي رهائشي آهن ته هو گهران ٻين ماڻهن لاءِ ٿڌو پاڻي آڻڻ نه وسارين. جڏهن ته مرد مداحن کي هدايت ڪندي هن چيو ته هو لانگ مارچ ۾ پنهنجي عورتن سان گڏ شرڪت ڪن.
• Requesting men of the families to accompany their women to the march. I’m afraid these goonies will come and will try to harass the women protestors.
The amount of filth they’re uttering digitally can lead to anything.
#حقیقی_آزادی_مارچ— Mariyam Nafees Amaan (@MariyamNafeees) May 25, 2022
سينيئر اداڪارا ثمينا پيرزادا واضح طور تي پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي حمايت ڪرڻ کانسواءِ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ” پنهنجن ئي ماڻهن خلاف رنڊڪون، اختلاف راءِ آهي ان کي دشمن سان جنگ جو تاثر ڇو ڏئي رهيا آهن، اسان سڀ پاڪستاني آهيون.
اپنے ہی لوگوں کے خلاف رکاوٹیں۔ اختلاف رائے ہے اسے دشمن کے ساتھ جنگ کا تاثر کیوں دے رہے ہیں۔ ہم سب پاکستانی ہیں ۔ نفرت کی سرنگیں بچھانے سے سب ہی لہو لہان ہونگے
— Samina Peerzada (@SaminaSays) May 24, 2022
پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اداڪارا لکيو ته عوام جي سونامي کي هلڪو نه وٺڻ گهرجي، دنيا جي تاريخ ڀري پئي آهي چونڊن جو اعلان ڪريو، الله پاڪستان جي حفاظت ڪري.
عوام کے سونامی کو کبھی ہلکا نہیں لینا چاہئے دنیا کی تاریخ بھری پڑی ہے ابھی بھی وقت ہے نوشتہُ دیوار پڑھ لو ظالمو۔ الیکشن کی تاریخ کا اعلان کردو اللہ پاکستان کا نگہبان ہو
— Samina Peerzada (@SaminaSays) May 24, 2022
اداڪارا وينا ملڪ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن وٽان هٿيار هٿ اچڻ واري خبر تي طنزيه ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ” آزادي مارچ ۾ شامل ماڻهن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ، هڪ عورت جي پرس مان ٻه ايف 16 جهاز ۽ هڪ ٻارڙي جي فيڊر مان ايٽم بم هٿ اچڻ جا اطلاع آهن“
آزادی مارچ کے شرکاء سے بھاری تعداد میں ہتھیار برآمد. ایک خاتون کے پرس سے دو ایف سولہ طیاروں اور ایک بچے کے فیڈر سے ایٹم بم پکڑے جانے کی اطلاعات.
منقول— VEENA MALIK (@iVeenaKhan) May 25, 2022
راڳي ۽ اداڪار هارون شاهد به لانگ مارچ جي حمايت ڪئي ۽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪراچي ۾ حڪومت مخالف مظاهرن ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي تجويزون پڻ ڏنيون ته هو گرم موسم ۾ ٻارن سان گڏ مارچ ۾ شرڪت نه ڪن، هن مداحن کي مشورا ڏيندي لکيو ته هو مارچ ۾ ايندي وقت پاڻ سان پاڻي، ٽوال ۽ لوڻ آڻڻ نه وسارين ۽ ان احوالي سان به تيار رهن ته مارچ ۾ سندن لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس پڻ موجود آهي.
Karachi! Get ready for tomorrow. Carry plenty of water with you, a hand towel and salt. Do not go to the protests with your kids. Also, in case you’re wondering about the hand towel and salt. These are antidotes to tear gas. Been there done that! Come prepared. #AzadiMarch
— Haroon Shahid (@Haroon_5hahid) May 24, 2022