عدالت ۾ جواب جمع نه ڪرائڻ تي  حمزا شهباز تي هڪ لک رپيا ڏنڊ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي جواب جمع نه ڪرائڻ تان هڪ لک ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امير ڀٽي، حمزا شهباز کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران حمزا شهباز جي وڪيل عدالت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري، جنهن تي عدالت چيو ته توهان کي جواب ٻه ڏينهن اڳ جمع ڪرائڻ گھرجي ها.

عدالت حمزا شهباز پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تي مٿس هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عدالت پنجاب حڪومت تي به جواب جمع نه ڪرائڻ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ وڌو.

چيف جسٽس چيو ته ڏنڊ جي رقم لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ جمع ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.