آن لائين شاپنگ اوهان جا کيسا خالي ڪري ڇڏيندي: تحقيق

واشنگٽن جي يونيورسٽي آف پيوگٽ سائونڊ پنهنجي نئين تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته مختلف ادائيگين لاءِ آن لائين سروسز جو استعمال ڪندڙ گهڻي قدر عام طور تي فضول خرچ ڪندا آهن.

آن لائين خريداري لاءِ اسان مان گهڻي قدر ماڻهو هاڻي موبائيل فون استعمال ڪندا آهن، پر هاڻي ان ڏس ۾ هڪ اندازو لڳايو ويو آهي ته ان خريداري لاءِ ضرورت کان وڌيڪ پئسو خرچ ڪرڻ لڳا آهن.

تحقيق موجب موبائيل پيمنٽ ۾ جيئن ته واهپيدار پنهنجي هٿ سان پئسا ناهن خرچ ڪندا انڪري غير محسوس طريقي سان ٿيندڙ ادائيگي ۾ واهپيدار وڌيڪ رقم خرچ ڪري ڇڏيندا آهن.

سموري دنيا ۾ موبائيل پيمنٽ سسٽمز ايپل سميت گوگل تي ۽ سام سنگ تي تمام گهڻو مشهور  آهن، سال 2020ع ۾ ڄاڻايل ٽنهي سروسز ذريعي ڪيل آن لائين خريداري جي 32 سيڪڙو ادائيگيون موبائيل والٽس مان ڪيون ويون هيون.

تحقيق ۾ محققن اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هي ٽيڪنالوجي ڪهڙي نموني واهپيدارن جي خرچ ڪرڻ جي عادتن تي اثرانداز ٿيندي آهي.

ريسرچ ۾ 21 هزار 457 آمريڪين کي شامل ڪيو ويو هو جنهن ۾ سندن خرچ ڪرڻ جي طريقڪار جو جائزو ورتو ويو.

نتيجن مان معلوم ٿيو ته 37 سيڪڙو ماڻهن موبائيل پيمن ذريعي ادائيگي ڪئي، باقي 63 سيڪڙو ٻڌايو ته انهن موبائيل پيمنٽ جو استعمال ناهي ڪيو.

تحقيق موجب جن ماڻهن موبائيل پيمنٽ جو طريقڪار استعمال ڪيو اهي پنهنجي سالياني آمدني مان 34 سيڪڙو کان وڌيڪ فضول خرچ ڪندا آهن، هي بل جي ادائيگي ۽ ٻين خرچن ۾ به آن لائين پيمنٽس نه ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

گڏيل طور تي موبائيل پيمنٽ ذريعي واهپيدار فضول خرچ ته ڪندا ئي آهن، کين رقم سنڀالڻ ۾ به ڏکيايون پيش اينديون آهن، جڏهن ته سندس ڪريڊٽ ڪارڊ پڻ خساري ۾ رهندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.