پوليس پاران ياسمين راشد ۽ عندليب عباس جي گرفتاري جي ترديد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ عندليب عباس جي گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي.

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اسلام آباد لانگ مارچ جا قافلا مختلف اڳواڻن جي قيادت ۾ روان دوان آهن ۽ انهن مان ئي هڪ قافلي جي قيادت ياسمين راشد ڪري رهي هئي.

ان کان اڳ به ڊاڪٽر ياسمين راشد جي گاڏي تي پوليس پاران لٺبازي جون تصويرون ۽ وڊيوز منظر تي آيون ۽ ان دوران پوليس جي لٺبازي جي ڪري ڊاڪٽر ياسمين راشد جي گاڏي جي ونڊ اسڪرين ٽٽي پئي هئي.

پوءِ اطلاع آيا ته پوليس ڊاڪٽر ياسمين ۽ عندليب عباس کي حراست ۾ ورتو آهي پر سي سي پي او لاهور جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ عندليب عباس کي گرفتار ناهي ڪيو، ٻئي پاڻ پوليس جي گاڏي ۾ ويٺيون.

ان کانسواءِ پوليس راوي پل ڀرسان پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي ۽ پوليس کي حماد اظهر کي گرفتار ڪرڻ نه ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.