آسٽريليا جي مهانگن ڪرڪيٽرن جي فهرست جاري، ڪمنز جي نمبر ون پوزيشن برقرار

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا گهڻو معاوضو حاصل ڪندڙ رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز کي مسلسل ٽن سالن کان آسٽريليا جو سڀ کان وڌيڪ معاوضو حاصل ڪندڙ ڪرڪيٽر قرار ڏنو ويو آهي.

پيٽ ڪمنز 20 لک آسٽريلوي ڊالرز ڪمائيندڙ ڪرڪيٽر  بڻجي ويو جڏهن ته جوش هيزل ووڊ رينڪنگ ۾ پنجين کان ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، هن 16 لک آسٽريليو ڊالرز ڪمايا آهن.

اوپننگ بيٽر ڊيوڊ وارنر جو معاوضو حاصل ڪندڙن جي رينڪنگ ۾ 15 لک آسٽريلوي ڊالرز سان ٽئين پوزيشن ماڻي آهي، جڏهن ته اسٽارڪ 14 لکن ڊالرز سان چوٿين نمبر تي آهي، اسٽيو سمٿ جو 13 لک آسٽريلوي  ڊالرز سان رينڪنگ ۾ پنجون نمبر آهي  ۽ مارنس لابوشين جي 12 لک آسٽريلوي ڊالرز سان ڇهين پوزيشن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.