جيڪڏهن اسان ايٽمي طاقت نه بڻجون ها !

عمار چوڌري

شايد اها انساني فطرت آهي ته اهو نعمتن ۽ ڪاميابين ملڻ بعد انهن جو   قدر ان طرح نٿو ڪري ،جيترو انهن نعمتن ۽ ڪاميابين کي حاصل ڪرڻ کان اڳ بي چيني  جو اظهار ڪري ٿو. پوءِ چاهي اهو سندس گهر هجي، نئين گاڏي هجي، آزادي هجي يا ڪجهه ٻيو، انسان کي بعد ۾ انهن شين جي اهميت جو ايترو احساس ناهي ٿيندو جيترو حاصل ڪرڻ کان اڳ هوندو آهي. وڌيڪ نه ته پر رڳو اٺ يا نو سال پوئتي وڃجي ته  جڏهن ملڪ 9/11 واري واقعي کان پوءِ مسلسل دهشتگردي جو شڪار هو. ڪو به ڏينهن اهڙو نه گذرندو آهي جنهن ڏينهن  ڪنهن هنڌان ڌماڪن ۽ دهشتگرديءَ جي خبر نه  ايندي هجي،  اها اسان جي جنگ هئي يا نه هئي، پر اسان پنهنجي ڳچي ۾  وجهي ورتي هئي،ميزائل ۽ بم جو رخ پاڻ ڏانهن ڦيرائي ورتو هو، پوءِ ضرب عضب ۽ ٻيا آپريشن ٿيا ۽ ملڪ ۾ امن امان بحال ٿيو. اهڙي طرح ڪراچي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين دهشتگردي جي لپيٽ ۾ رهيو. ٻوري بند لاش، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري، اهي لفظ جڏهن به ٻڌبا هئا ته لا محالا   ڪراچي جو نالو ۽ تصوير اکين اڳيان  اچي ويندي هئي. پوءِ اهي ڏينهن به آيا جڏهن ڪراچي جي عوام کي به ان مسلسل قتل عام مان ڇوٽڪارو ۽ آزادي ملي. اڄ ملڪ دهشتگرديءَ کان پاڪ ٿي چڪو آهي، ڪراچي به پرامن ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ الله جو جيترو شڪريو ادا ڪيو وڃي اهوگهٽ آهي.

اهڙي طرح جڏهن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته  ايٽمي ڌماڪن جو ذڪر ٿيندو آهي، پاڪستان کي فتح نه ڪري سگهڻ جهڙو  بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي،تڏهن  اسان جو جذبو ڏسڻ جهڙو ۽ فخر جوڳو هوندو آهي. جڏهن مئي 1998ع ۾ بم ڌماڪا ڪيا ويا ته اهي رڳو  ڀارتي بم ڌماڪن جو جواب نه هئا پر پاڪستان جي بقا ۽ سالميت جو معاملو هو، ۽ اهو قدم جيڪڏهن ان وقت مسلم ليگ ن پاران نه کنيو وڃي ها ته حالتون ڪنهن به پاسي مڙي پئي سگهيون. اهو سلسلو تڏهن شروع ٿيو جڏهن هندستان 1974ع ۾ پهريون ايٽمي تجربو ڪيو هو. پاڪستان کي آزاد ٿئي فقط 27 سال گذري هيا. ان وچ ۾ هندستان سان ٻه وڏيون جنگيون به ٿي چڪيون هيون.

پاڪستان جي معيشت به پنهنجي پيرن تي بيهي رهي هئي پر ان وقت به سڀ کان اهم فيصلو ملڪ جي بقا ۽ سلامتي جو هو. ان رستي ۾ مشڪلاتون ۽ قربانيون  به هيون  پر اهو رستو آخرڪار اسان کي ان مقام تائين پهچائي پئي سگهيو  جتي اسان هندستاني تسلط کان مڪمل ۽ حقيقي طور آزاد ٿي پي سگهياسين. اسان اهو رستو اختيار ڪيو ۽ وقت ثابت ڪيو ته اهو فيصلو بلڪل صحيح هو. مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ سندس ٻين سائنسدانن ۽ ٽيم جي خدمتن جي نتيجي ۾ پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجي ويو ۽ وطن جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائي ڇڏيو.

محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان 10 ڊسمبر 1984ع تي جنرل ضياءُ الحق کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن الله چاهيو ته اسان هڪ هفتي جي نوٽيس تي ڌماڪو ڪري سگهون ٿا. عجيب اتفاق آهي ته ڀارت 18 مئي 1974ع تي پوکرا ۾ پهريون ايٽمي ڌماڪو ڪيو، جڏهن ته 24 سالن بعد 1998ع ۾ به مئي جو مهينو چونڊيو ويو، 11 ۽ 13 مئي تي ڀارت پوکرا ۾ ايٽمي تجربا ڪيا ۽ ان جي ڪاميابيءَ جون دعوائون به هن پاڻ ئي ڪيون، پر هندستان جي انهن دعوائن کي عالمي پريس ۽ بين الاقوامي ايجنسين مڪمل طور قبول نه ڪيو پر انهن تي مختلف قسم جي تحفظات جو اظهار ڪيو ويو.اولهه ميڊيا کليل طور لکيو ته هندستان انهن تجربن ۾ بُري طرح ناڪام ٿيو آهي،

هندوستاني ڌماڪن جي جواب ۾ اهو ضروري هو ته پاڪستان به پنهنجو ڪرشمو ڏيکاري ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪجي ها ته  يا اهي ڌماڪا خدا نه ڪري ها ناڪام ٿي وڃن ها ته، مخصوص پئمانن تي پورو نه لهن ها ته هندستان اسان تي حاوي ٿي وڃي ها.اهو قدم خطي ۾ طاقت جي  توازن لاءِ  ضروري هو. پاڪستان 24 سال اڳ ايٽمي طاقت بڻجي چڪو هو پر دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ صحيح وقت جو انتظار هو. هندستان وانگر نه غرور هو نه تڪبر  نه ئي هن اها طاقت ڪنهن  وڏائي جارحاڻي قدم يا دنيا ۾ تباهي مچائڻ جي لا اها صلاحيت حاصل ڪئي هئي. ائين ڪرڻو هجي ها ته پاڪستان 24 سالن تائين خاموش نه رهي ها پر پنهنجي  ان طاقت کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪيش ڪري ها. 11 مئي 1998ع تي ڀارت  ايٽمي ڌماڪو ڪري  نه رڳو خطي ۾ عدم توازن پيدا ڪيو پر اربين ماڻهن جي زندگين ۽ استحڪام کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو. پاڪستان وٽ هاڻي ان ئي زبان ۾ جواب ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو.

ان وقت ميان نواز شريف ٻيو ڀيرو وزيراعظم ٿيو هو. هو پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ جو خواهشمند هو  ۽ ان طرف سفر نه شروع ٿي ويو هو  پر ان وچ ۾ هي امتحان اچي ويو. اهو عجيب موقعو هو جڏهن پاڪستان کي هڪ ئي وقت ڌمڪيون ۽ لالچ ٻئي ڏنيون پئي ويون ۽ وزيراعظم کي ٻنهي مان هڪ کي چونڊڻو پيو. اهو سخت امتحان جو وقت هو. هڪ طرف ملڪ جي بقا، قومي غيرت ۽ وقار، ته ٻئي طرف عالمي طاقتن جي دٻاءَ ۽ پابندين جو خوف، فيصلو اهو ئي ٿيو ته دشمن ته اسان ئي مڪمل طور مٽائڻ چاهي ٿو .”ڌماڪو نه ڪبو ته به مرڻو ئي آهي“ڇو نه ايٽمي طاقت بڻجي وقار سان مقابلو ڪجي . جيڪڏهن اسان مرندا سين ته ڪو جيئرو دشمن به نه هوندو. ان وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا ته نه هئي، ان ڪري پرنٽ ميڊيا جي ڪيترن ئي  سينيئر صحافين کي ڌماڪي واري هنڌ وٺي آندو ويو هو  جيئن اهي تاريخي منظر پنهنجي اکين سان رڪارڊ ڪري سگهن.

هي بلوچستان جو چاغي علائقو هو جتي گرمي پد 55 ڊگري سينٽي گريڊ هو. ان موقعي تي موجود سمورن ماڻهن پنهنجي رب جي حضور ۾ فتح جي دعا ڪئي ۽ وزيراعظم نواز شريف 3 لڳي 16 منٽن تي هڪ بٽڻ دٻائي ڌماڪا ڪيا.  صرف ٻارهن سيڪنڊن بعد، چاغي جي جبلن جو رنگ تبديل ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته اتي جو گرمي پد ڏهه لک ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويو.ان بعد دنيا جا عجيب رويا ۽ منظر ڏسڻ ۾ آيا، سڄي اسلامي دنيا ۾ جشن جو سمان هو، اهو ڏينهن اسلامي دنيا جي فتح ۽ڪامراني جو ڏينهن هو. شڪراني جا نفل ادا ڪيا ويا، ۽ سڄي دنيا جا مسلمان خوش ٿيا ڄڻ ته اهي  سڀ محفوظ ٿي ويا هجن.

اڄ جيڪڏهن اسان رات جو آرام سان سمهون ٿا ۽ صبح جو اطمينان سان اٿي پنهنجن ڪمن تي وڃون ٿا ان پٺيان 28 مئي جو اهو تاريخي يوم تڪبير آهي، جڏهن پاڪستان ايٽمي طاقت بڻيو هو ۽ جڏهن قومي قيادت ٻاهرين طاقتن جي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي باوجود ملڪ جي دفاع کي نه مٽڻ جوڳو  بڻايو. جيڪڏهن اسان وٽ ايٽمي طاقت نه هجون  ها ته اڄ اسان پنهجي مرضي سان ساه به نه کڻي سگهون ها.

وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ان سلسلي ۾ 19 مئي کان ملڪي سطح تي ڏهه ڏينهن جي تقريبن جي  شروعات ڪئي آهي.

قوم کي ان جشن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته زنده قومون هميشه انهن ڪارنامن تي فخر ڪنديون آهن، جيڪي انهن کي آزاديءَ جي فضا عطا ڪن ٿا، جن جي ڪري اهي غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد ٿين ٿيون ۽ جن جي ڪري دنيا ۾ انهن جو پنهنجو نالو ۽ مقام آهي. يوم تڪبير صرف هڪ ڏينهن ۽ واقعي جو نالو نه آهي پر اهو پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جي خودمختياري لاءِ کنيل قدم هو جنهن نه رڳو خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو پر پاڪستان کي پهرين اسلامي ايٽمي طاقت پڻ بڻايو.

انهن ڏهن ڏينهن ۾ اسان کي سوشل ميڊيا تي به وڌ کان وڌ يوم تڪبير ملهائڻ گهرجي ته جيئن دنيا کي اهو پيغام پهچايو وڃي ته هڪ ايٽمي هٿيارن  رکندڙ ملڪ جي زنده دل قوم پنهنجي سرزمين جي حفاظت لاءِ  کنيل  هر قدم تي فخر ،قدر ۽ محبت جو اظهار ڪري ٿي.۽ اهو به سچ آهي ته جيڪڏهن اسان ايٽمي طاقت نه بڻجون  ها ته اسان جو پراڻن قصن ۾ ڪو ذڪر ئي نه هجي  ها!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.