جمهوريت جي ثمر کان محروم سنڌ جو عوام

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾هڪ معاشي بحران جاري آهي،عالمي سطح تي ڪورونا واري وبا گذريل ٻن سالن کان دنيا ۾ معيشت کي ويهاري ڇڏيو آهي، جنهن جا اثر ٽين دنيا جي ملڪن تي وڌيڪ پئجي رهيا آهن، ٻئي پاسي دنيا ۾ گرمي پد وڌڻ جي ڪري ماهر دنيا ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو به خطرو ٻڌائي رهيا آهن، ڏکڻ ايشيا جو هڪ ننڍڙو ملڪ سري لنڪا قرضن ۾ ڦاسڻ ۽ سياسي بحران بعد معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي،دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلن جو سڌو اڻ سڌو اثر اسان جي ملڪ تي پڻ پئجي رهيو آهي.

ملڪ ۾ نئين آيل وفاقي سرڪار معاشي مامرن ۾ ڦاٿل آهي جنهن ڪري پرڏيهه مان لگزري اسم گهرائڻ تي بندش جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. قرضن جي ور چڙهيل هن ملڪ جي عوام مٿان هر ڏينهن ڏکيو گذري رهيو آهي.مهانگائي ماڻهن جي رواجي زندگيءِ کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، نتيجي ۾ خلق خدا ٻن ويلن جي ماني لاءِ پڻ پريشان آهي.وفاقي سرڪار پاران سخت فيصلن جي تياري ڪئي پئي وڃي، جنهن بابت سوچي ڪري ئي عوام ويتر حياتيءَ جي گاڏي کي ڌڪي ڏيڻ بابت گهڻو مونجهاري ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي.

هڪڙي پاسي اها صورتحال آهي ته ٻئي پاسي هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ عوام کي ٻڏتر ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي عام ماڻهونءَ کان خوشي جو هر سبب کسي ورتو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار جيڪا پڻ اڳي ئي معاشي بحران ۾ ورتل آهي اها پنهنجا شاهي خرچ گهٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به طرح تيار نه آهي.

هن وقت تائين سنڌ حڪومت عام ماڻهونءَ جي بهتريءَ جي لاءِ ڪا به اهڙي رٿابندي نه ڪئي وئي آهي جنهن سان عوام جا مسئلا گهٽجن، گڊ گورننس نه هئڻ،سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ،عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهيل هئڻ،روڊن رستن جي خراب حالت، اسڪولن ۾ فرنيچر نه هئڻ ۽ اسپتالن ۾ داوئن جي کوٽ،موجوده سرڪار جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿارين ٿا، سرڪار جو اولين ڪم غريب عوام جي لاءِ بهتر قانون جوڙڻ  ۽ انهن تي عمل کي يقيني بڻائڻ هوندو آهي، سنڌ ۾ عام ماڻهو مسئلن بابت دانهن ڪري ٿو ته ان جو مطلب ته حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جو ثمر عام ماڻهونءَ تائين نه پهتو آهي، ٻئي وڏا شعبا تعليم ۽ صحت ٻنهي جا حال پورا لڳا پيا آهن،اهي اهڙيون شڪايتون آهي جيڪي ماڻهون هڪ عرصي کان ڪندا پيا اچن انهن ڏانهن به هن ئي سرڪار کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي پر بدقسمتيءَ سان ان پاسي گهربل ڌيان ڏيڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ سرڪار پنهجا شاهي خرچ گهٽ ڪرڻ نٿي چاهي. رپورٽون آهن ته موجوده مالي بحران باوجود سنڌ سرڪار ٻه ارب جون گاڏيون خريدڻ جي منظوري ڏني آهي.

سنڌ هڪ اهڙو بدقمست صوبو آهي جتي هن ايڪهين صدي ۾ به ماڻهو صاف پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم آهي، قانون تي عملداري نه هئڻ ڪري انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، هن وقت ته سنڌ ۾ ڪنهن به ماڻهون جي عزت مال ۽ زندگيءِ محفوظ نه آهي، جڏهن ته اهو وقت جي حڪومت جو ئي فرض ٿئي ٿو، انهن سمورين ڳالهين هوندي جڏهن اها دعويٰ ڪئي ٿي وڃي ته اسين هڪ جمهوري دور ۾ رهون پيا ته اها رڳو دل کي خوش ڪرڻ جي ڳالهه آهي، ان جو ڪٿي به ڪو حقيقي عڪس نظر نٿو اچي.

سنڌ ۾ هن وقت اخباري صنعت به ڪيترن ئي سببن جي ڪري بحران جي ور چڙهيل آهي. انهن سببن مان هڪ سنڌ سرڪار پاران اخبارن کي شايع ٿيل اشتهارن جي بل جي ادائگي نه ٿيڻ به وڏو پاسو آهي.اڳوڻي حڪومت جي پاليسين ته پريس کي جيڪو نقصان پهچايو سو ته پهچايو پر صوبائي سطح تي جيڪو ڪجهه سنڌ سرڪار جي وس ۾ آهي ان تي عمل ڪندي اخباري شعبي سان ٿيندڙ زيادتيءَ جو نوٽيس وٺي، سنڌ حڪومت ڏانهن واجب الادا رقم ادا ڪري اخباري صنعت کي معاشي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو.

اهو درست آهي ته جمهوريت به سماجي ڍانچي تي اڏيل هوندي آهي پر حڪمران ڌر جيڪڏهن چاهي ته اها گهڻو ڪري سگهجي ٿي. جمهوريت جي ٻوٽي جي آبياري جي لاءِ هڪ مضبوط پريس به گهڻو ضروري هوندي آهي،وقت جي حڪومت جو اهو ئي ڪم هوندو آهي ته اها پريس کي هٿي ڏئي جنهن سان ئي سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل جو آئينو پسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ نظر ايندڙ نقص کي ختم ڪرڻ جي لاءِ منظم رٿابندي ڪري معاشري ۾ مثبت قدرن کي اڳيان وڌائي سگهجي ٿو، اهو ئي اڳتي وڌڻ جو هڪ بهترين رستوآهي.

سنڌ حڪومت کي سنڌ جي عوام جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سمورن کاتن جي مانيٽرنگ ڪرڻ ۽ ان جو لاڀ عوام تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

اسان سمجهون ٿا ته هن وقت به سنڌ جو ماڻهون معاشي طور تي شديد دٻاءَ جو شڪار آهي،صحت،تعليم،سفر،امن امان،انساني حقن جو بچاءُ ڪرڻ اهڙا معاملا آهن جن لاءَ عملي قدم کڻڻ کانسواءِ عوام جمهوريت جي ثمر کان محروم رهندو، ان پاسي ڪم ڪري ئي هڪ بهتر معاشري جي اڏاوت ڪري سگهجي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.