تعلقي مٽياري ۾ مڪاني چونڊون، مخدوم خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو

سڪندر ساهووال اڏيرو لال

مڪاني چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي اميدوار سرگرم ٿي ويا آهن، ضلعو مٽياري شايد سنڌ جو اهو واحد ضلعو آهي جتي پ پ کان علاوه ٻي ڪا به پارٽي مخالفت ۾ ناهي. ضلعو مٽياري ڄاموٽن ۽ مخدومن جو ضلعو سڏيو وڃي ٿو. اڳ ۾ ضلعي مٽياري ۾ ڄاموٽ ئي پ پ جا مخالف هئا، پر محمد علي شاهه ڄاموٽ جي پي پي ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ هن ضلعي ۾ ڪابه مخالف پارٽي ناهي رهي. اليڪشن کان اڳ هالا جي مخدومن مخدوم رفيق ۽ مخدوم جميل الزمان وچ ۾ اندروني طور رنجشن جون خبرون پئجي رهيون هيون پر انهن ۾ ڪي ٺوس ثبوت نظر نه اچي رهيا هئا. مخدوم فخر الزمان جي شادي ۾ به مخدوم جميل شامل ٿي، اهو تاثر ئي ختم ڪري ڇڏيو ته هو ناراض ناهن.

پر هلندڙ بلدياتي چونڊن ۾ شايد هاڻ اها ڳالهه کُلي سامهون اچي وئي آهي ته مخدوم رفيق الزمان ۽ مخدوم جميل الزمان ۾ اندروني اختلاف آهن. هن وقت مڪاني چونڊن ۾ مخدوم رفيق الزمان ۽ مخدوم جميل الزمان ٻنهي الڳ الڳ پينل قائم ڪري هڪ پارٽي تي ٻه ٻه اميدوار بيهاري رهيا آهن.

عام ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته مخدوم هائوس هالا ضلعي مٽياري ۾ ڪي به خاطر خواهه ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا، جنهن ڪري عوام کي سرمو پارائي سيٽون ڪڍڻ لاءِ هڪ پارٽي ۾ رهندي الڳ الڳ پينل قائم ڪري پنهنجا پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ته تعلقي مٽياري ۾ هر يونين ڪائونسل تي مخدوم جميل الزمان جو الڳ پينل نظر اچي پيو ته وري مخدوم رفيق الزمان جو الڳ پينل نظر پيو اچي.

گذريل ڏينهن ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز علي شاهه يونين ڪائونسل اڏيرولال اسٽيشن جي ضلع ڪائونسل لاءِ پنهنجي اميدوار اڪرم بلوچ کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ممتاز شاهه اهو باور ڪرائي رهيو آهي ته مخدوم جميل الزمان پوري ضلعي ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريندو. جڏهن ته ٻئي ڏينهن مخدوم رفيق الزمان جي ڪوآرڊينيٽر يوسف ڇٽو جي رهائشگاهه تي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ طئي ٿيڻ کان پوءِ هنن ميڊيا کي بريف ڪيو ته اهي مخدوم جميل الزمان طرفان يوسي اڏيرولال اسٽيشن مان ضلع ڪائونسل لاءِ نامزد ڪيل اميدوار اڪرم بلوچ جي سامهون يوسف ڇٽو کي هٽائي ان جي جاءِ تي مخدوم رفيق الزمان جي خاص ماڻهو وڏيرو محمد ايوب هنڱوروکي ضلع ڪائونسل جو اميدوار نامزد ڪيو آهي. گڏجاڻي ۾ موجود وڏيري محمد ايوب هنڱورو اهو واضح ڪيو ته هوءَ مخدوم جميل پاران نامزد ڪيل اميدوار اڪرم بلوچ جي سامهون اليڪشن وڙهندو. هن اهو به باور ڪرايو ته جيڪڏهن پارٽي ٽڪيٽ نه به ڏني ته هو آزاد اميدوار جي حيثيت سان به يوسي اڏيرولال اسٽيشن مان ضلع ڪائونسل لاءِ اليڪشن ضرور وڙهندو.

هوڏانهن مخدوم رفيق الزمان جي ڪوآرڊينيٽر يوسف ڇٽو ٻڌايو ته هو هاڻ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ لاءِ نه پر يوسي اڏيرولال اسٽيشن جي چيئرمين لاءِ اليڪشن وڙهندو. جڏهن ته يوسي اڏيرولال اسٽيشن ۾ پ پ اڳواڻ محمد يوسف ڇٽو سامهون اليڪشن وڙهندو هن جو اهو به چوڻ هو ته جيڪڏهن پارٽي ٽڪيٽ نه به ڏني ته آزاد حيثيت سان به وڏيرو يوسف ڇٽو سامهون اليڪشن وڙهندو. جڏهن ته مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز شاهه واضح ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته هو الڳ پينل تي ماڻهو بيهاريندا. باقي مخدوم خاندان م ڪي به ذاتي اختلاف ناهن. هن جو اهو به چوڻ هو ته هر يوسي تي عوامي راءِ تحت اميدوار بيهاريا ويندا. هوڏانهن مخدوم رفيق الزمان جي ڪوآرڊينيٽر يوسف ڇٽو جو چوڻ آهي ته مخدوم  ۾ ڪي به اختلاف ناهن. پوءِ ڪهڙا سبب آهي ته چاچي ۽ ڀائيٽي ٻنهي الڳ الڳ پينل قائم ڪري ورتا آهن، ٻنهي پينلن جو اهو چوڻ آهي ته پارٽي ٽڪيٽ ڏني ته ٺيڪ آهي نه ته هو آزاد اميدوار طور پنهنجا اميدوار بيهاريندا.

ٻي ڳالهه اها به سچي آهي ته مخدوم رفيق ۽ مخدوم جميل ۾ اندروني تڪرار آهي، جنهن ڪري هاڻ نه ٿو چاچو پارٽي کي ڇڏي سگهي ۽ نه ئي وري ڀائيٽيو. اندروني ڪهاڻي اها به آهي ته جڏهن عدم اعتماد جو ووٽ جو سلسلو شروع ٿيو هو ته مخدوم جميل الزمان ڊي سي مٽياري هٽائڻ جي شرط رکي هئي، جيڪا پوري ته ٿي وئي، پر اها ڳالهه زرداري صاحب کي بلڪل نه وڻي، جنهن کان پوءِ آصف علي زرداري سان نوابشاهه ۾ مخدوم رفيق الزمان جي گڏجاڻي ٿي هئي. جنهن کان پوءِ حالتون ڪجهه ٻيون نظر پيون اچن ۽ اهي به افواهه آهن ته مخدوم رفيق الزمان ضلعي مٽياري جو سمورو سيٽ اپ آصف علي زرداري کي پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ زرداري صاحب اوڪي به ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ضلعي مٽياري ۾ تبديلي اها نظر پئي اچي ته ڊاڪٽر مخدوم رفيق ڪلين سوئيپ ڪندو، جنهن کان پوءِ عام چونڊن ۾ ضلعي مٽياري ۾ وڌيڪ تبديلي ظاهر ٿيندي ۽ ڪجهه پارٽي کي ڇڏيندا ته وري ڪجهه نوان چهرا پارٽي ۾ شامل ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.