ادبي ورثو ۽ وساريل شخصيتون

سيما عباسي

ايم فل ڪرڻ دوران ڪراچي يونيورسٽي شعبه اردو جي طرفان ڪجهه عرصو پهريان پاڪستان جي پهرين ڊيجيٽل لائبريري ۽ ريسرچ سينٽر ڏيکارڻ جو اھتمام ڪيو ويو.  ھي لائيبريري اردو جي معروف ليکڪ مشفق خواجه جي ذاتي لائيبريري تي مشتمل ڪتابن تي آڌاريل ھڪ لائيبريري ھئي۔ جنهن کي يونيورسٽي آف شڪاگو جي تعاون سان خريد ڪري ھڪ ٽرسٽ قائم ڪيو ويو ھُيو. بعد ۾ سنڌ ڪلچر ڊيپارٽمينٽ جي مدد سان ھن لائيبريري کي ريسرچ سينٽر جو نالو ڏيئي عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو ھو. اداري جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر منظور احمد، ڊاڪٽر ڪليم لاشاري ۽ مشتاق احمد يوسفي شامل ھُيا۔ ھن لائيبريري ۽ ريسرچ سينٽر کي ٺاھڻ جو خاص مقصد اھو ھُيو ته پاڪستان جي اردو ادب يا ٻين زبانن جي ادب جا جيترا به نادر نمونه دستياب ٿي سگهن. انهن جي شناخت ممڪن بڻائي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪري سگهجي.

ھن لائيبريري جي ٽن وڏن حالن کي ڪتابن لاءِ مخصوص ڪو ويو ھو. جتي چاليھ لک ڪتاب موجود ھُيا. جن کي وڏي ترتيب ۽ نفاست سان الڳ عنوان ڏيئي وڏن وڏن ريڪن ۾ سجائي رکيو ويو ھو. انهن ڪتابن ۾ گهڻي قدر مشفق خواجه کي ورثي ۾ مليل ڪتاب ھُيا. ۽ ڪافي ڪتاب ھُن پاڻ جمع ڪيا ھُيا. خاص ڳالههه اھا ھئي ته انهن ڪتابن ۽ رسالن کي ڪمپيوٽرائز ڪري محفوظ ڪيو ويو ھُيو. اھو ريسرچ سينٽر تحقيق ڪرڻ وارن شاگردن لاءِ تمام گهڻو ڪار آمد ثابت ٿي سگهيو ٿي. ان ۾ ڪا به شڪ جي ڳالهه ڪونهي ته مشفق خواجه پنهنجي ذات ۾ ھڪ اداري جهڙي حيثيت رکڻ وارو شخص ھُيو. ھُن جو اصل نالو خواجه عبدالحئي ھُيو. ھو 19 ڊسمبر  1935ع ۾ لاھور  ۾ پيدا ٿيو. 1948ع ۾ ھُن جو خاندان نقل مڪاني ڪندي اچي ڪراچي  آباد ٿيو. مشفق خواجه کي ننڍپڻ ۾ ئي مطالعي جو شوق رھيو ھُيو. ڪراچي اچڻ کان پوءِ ھُن جو تعليمي سلسلو ٽُٽي پيو ته ھو پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪندو رھيو. ايتري حد تائين جو ھُن گريجوئشن مڪمل ڪري ورتي. انهن نھايت مصروف ۽ ڪارآمد زندگي گذاري. ھو ھر وقت الله جو شڪر بجا آڻيندا ھُيا. ھو نمود نمائش ۽ شهرت کان پري رھڻ وارو شخص ھُيو. ھو ننڍي عمر کان وٺي ڪهاڻيون لکڻ لڳو ھُيو. پبلشرن کي ھُن جون لکيل ڪهاڻيون ايتريون ته دلچسپ لڳنديون ھُيون. جو اھي ھن کان فرمائش ڪري ڪهاڻيون لکرائيندا ھُيا. جنهن جو ھُن کي معاوضو پڻ ڏيندا ھُيا. معاوضي وارن پئسن مان ھُو پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪتاب خريد ڪري وٺندا ھُيا. ھُو اعليٰ درجي جي محقق بهترين شاعر ۽ باڪمال نثر نويس ھُيا. ھڪ ڀيرو ڪنهن ھُن کان سوال ڪيو ته تحقيق شاعري ۽ ڪالم نگاري اھي ٽيئي ڪم توھان گڏو گڏ جيئن ٿا ڪري وڃو. ھُن جواب ڏنو ته مان تحقيق جي ذريعي بزرگن جي ڪيل ڪم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. شاعري جي توسط سان پنهنجي ذات جي اندر لهي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. ۽ مان ڪالم نگاري ان ڪري ڪندو آھيان. جيئن مان پنهنجي عهد جي اديبن ۽ انهن جي تخليقن کي سچائي سان بيان ڪري سگهان.

مشفق خواجه جي شادي 1964ع ۾ آمنه صديقي سان ٿي۔ سر سيد گرلز ڪاليج ۾ ليڪچرار ھئي۔ ھو پاڻ به سٺي مصنفہ ھئي۔ انهن کي ڪو به اولاد نه ھو۔ ھُو پنهنجي ڪتابن کي ئي پنهنجو اولاد سمجهندو ھو۔ ۽ انهن جي حفاظت ڪندو ھُيو۔  مشفق خواجه جي ڪسرنفسي ۽ عاجزيءَ جو اھو عالم ھو. جو ھو پنهنجي ھر پذيرائي تي اھو چوندو ھُيو ته مان ڪوئي ناقابل فراموش ڪارنامو سرانجام ڪونهي ڏنو۔ بس لکڻ جي ڪوشش ڪري وٺندو آھيان۔ ھُو لفظن جي باري ۾ چوندو ھُيو۔ ته لفظ به انسانن وانگر پيدا ٿيندا ۽ احساس رکندا آھن۔ جيئندا ۽ مرندا آھن۔ انسانن وانگر ئي انهن کي عزت ۽ ذلت ملندي آھي۔ ڪڏھن اھي معمولي حيثيت کان ترقي ڪري بلند درجي تائين پهچي ويندا آھن۔ ڪڏھن وري اھي بلند درجي تان ڪري معمولي حيثيت اختيار ڪري وٺندا آھن۔

مشفق خواجه جي جامعه ڪراچي جي شعبه اردو سان خاص انسيت رھي. تمام گهڻن شاگردن کي پي ايڇ ڊي جي مقالن لکڻ ۾ مدد ڪيائون۔ اھي تحقيق جي شعبي ۾ سچائي ۽ دلچسپي سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن محققن کي تمام گهڻو پسند ڪندا ھيا۔ ۽ انهن جي دل سان رھنمائي ڪندا ھُيا۔ اھڙن ماڻهن لاءِ  ھُن جو ڪتاب گهر ھميشه لاءِ کليل رھندو ھُيو. 1957ع ۾ مشفق خواجه انجمن ترقي اردو سان وابسطگي اختيار ڪئي۔ جتي بابائي اردو مولوي عبدالحق پنهنجي تجربي جي اک سان ھُن جي ادب سان گهري دلچسپي کي ڏسي ورتو. اھڙي طرح ھُن کي آھستي آھستي ادبي زميدارين جو ڪم ڏيڻ لڳو۔ تقريبن پنجن سالن تائين ھُن مولوي عبدالحق جي رھنمائي ۾ ڪيترائي قابل قدر ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا. ٻه ھزار کان وڌيڪ ڪالم لکڻ وارو ھي ليکڪ عام زندگيءَ ۾ بي حد ملنسار ۽ مهمان نواز ھُيو۔ ھُن جي قلم وانگر ھُن جي ڳالهين ۾ به ھلڪي ڦلڪي چاشني ۽ تيزي ھوندي ھئي۔ سچ ڳالهائڻ تي ايندا ھُيا ته ھُو پاڻ کي به نه بخشيندا ھُيا۔ ھڪ ڀيرو ھندستان مان ھڪ ليکڪ ھُن سان ملڻ آيو۔ مهمان ڳالهين ڳالهين ۾ ھُن کي چيو ته مونکي توھان جي گفتگو مان بلڪل اندازو نه ٿيو ته توھان پنجابي آھيو۔ مشفق خواجه برجستو جواب ڏيندي چيو ڪجهه دير ويھندئو ته منهنجي حرڪتن مان خبر پئجي ويندئو ته مان پنجابي آھيان. خواجه مشفق نھايت ڀرپور زندگيءَ گذاري. ھُن جو انتقال 19 فيبروري 2005ع ۾ ٿيو. ھُن جي وفات کان پوءِ ھي لائيبريري ڊيجيٽل ريسرچ سينٽر ۾ تبديل ٿي وئي آھي۔ جتي محقق حضرات ۽ پڙھندڙ فيضياب ٿيندا آھن. اسان وٽ ماضي قريب ۾ ڪيترائي نالي وارا سنڌي ادب جا برک ليکڪ انتقال ڪري چڪا آھن۔ جن ۾ ابراھيم جويو، رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، شوڪت شورو، ۽ رسول ميمڻ وغيره شامل آھن۔ سنڌي ادب جي سرندي واري فردن يا ادارن کي پڻ گهرجي ته انهن جي گڏ ڪيل ڪتابن کي پڻ لائيبريرين يا ريسرچ سينٽرن جي شڪل ڏيڻ ۾ پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪن. جيئن آئينده نسل جو ادبي ورثو محفوظ ھٿن ۾ منتقل ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.