نوابشاهه: جهيمل شاخ جي پڇڙيءَ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ جهيمل شاخ جي پڇڙيءَ جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

مريد کوسو، رفيق سيال، الله بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن هٿن ۾ ڪوڏرون کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن الزام مڙهيندي چيو ته آبپاشي عملدارن رشوت عيوض پاڻي منڍ جي آبادگارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري 6 مهينن کان جهيمل شاخ جي پڇڙي جو پاڻي بند ڪيو ويو.

هنن چيو ته پاڻي بند هجڻ ڪري پوکيل فصل به سڙي ويا آهن، جڏهن ته زمينون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن، مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي.

آبادگارن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪيو ته جھيمل شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي ڏئي آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.