ميهڙ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي چاهيندڙن جو ڀٽ شاهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج

ميهڙ ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي چاهيندڙن پاران ڀٽ شاهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڀٽائي جي چاهيندڙن نظام چانڊيو، حيدر بخش تنيو، علي دوست ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڀٽ شاهه قديمي شھر آھي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سڄي دنيا ۾ مشهور هجڻ ڪري سندس چاهيندڙ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهچن ٿا تنهن باوجود هن وقت تائين ڀٽ شاهه شهر کي تعلقي جو درجو ناهي مليو سگھيو.

سندن چوڻ هو ته ڀٽ شاهه شهر کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار بنا دير ڀٽ شاهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي ڀٽائي جي چاهيندڙن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.