ڪنڌڪوٽ: پوليس جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو پي ٽي ايس سکر انتظاميا خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن پاران پي ٽي ايس سکر انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو.

طفيل کوسي، عبيد ڏاھاڻي، بخت بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اميدوارن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اميدوارن جو چوڻ هو ته پي ٽي ايس سکر انتظاميا پاران پوليس ۾ ڀرتين لاءِ 22 اپريل تي ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن جي رزلٽ ۾ اهل اميدوارن کي سائيڊ ڪري رشوت عيوض من پسندن کي پاس ڪيو يو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

هنن آءِ جي سنڌ پوليس ۽ وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته سنڌ پوليس ۾ ميرٽ جي بنياد تي اهل اميدوارن کي ڀرتي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.