شهبازسرڪار: هي گهر به نه هليو 

رياض ابڙو 

اڃان جمعو جمعو اٺَ ڏينهن مس ٿيا هيا پر هن شهباز سرڪار کي ته وري اهڙيون پريشانيون وڪوڙي ويون آهن جو اهڙي پريشانيءَ ۾ پي ٽي آءِ وارا پنهنجن ساڍن ٽن سالن ۾ نه هيا ڇو ته اها ڳالھ شهباز به مڃي ٿو خان صاحب جي سپورٽ جيتري سپورٽ نه سهي پر رڳو 30 سيڪڙو سپورٽ به هجي ها ته هي حڪومت ڏکيا فيصلا ڪرڻ ۾ دير نه ڪري ها هاڻي ڄڻ يونائيٽيڊ اپوزيشن وارا حڪومت ۾ اچي ڦاٿا آهن پر حقيقت اها به آهي ته جيتري گهر اندر اسٽيبلٽي هوندي آهي اوترو وري ماڻهو جي لاءِ ٻاهر به استقامت هوندي آهي يا سياست ڀلي ڪري سگهبي يا ماڻهو جڏهن گهر جي جهيڙن ۾ ڦاٿل هوندو ته اهو ٻاهر ڪهڙو ڪنڌ کڻي هلندو، ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ آزار اهو به آهي ته جيڪو به حڪومت ۾ اچي ٿو اهو ايترو ته مٿانهون ۽ ڊاميننٽ ٿي ٿو ڳالهائي جو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ اهو ٿا سمهجن ته هاڻي هي مخالفن کي نه ڇڏيندا ان ڪري ته جهيڙو رڳو ڪرسي جو آ، عوام يا ملڪي مفاد ڪنهن جي هٿ وس ناهن يا نه ٿا چاهن ته ملڪ جي مفاد ۾ ڪجھ ڪجي، يا ٻاهر ويٺل قوتون اسان جي ملڪ جي لاءِ اهو ته ضرور چونديون هونديون ته ”هي گهر به نه هليو“ ان ڪري شيون سنڀالڻ کان چڙهي ويون آهن، ائين به چئون ته سياست جو محور هاڻي رڳو ڪورٽ رهجي وئي آهي يا سياست جي ايڪسپائري انهن جي هٿ وس آهي ائين به آهي ته ”بال واقعي ئي ڪورٽ ۾ ئي ڦاٿل آ“ ان ڪري ته امپاير جو فيصلو هڪ ڏينهن هڪ سياسي پارٽي کي خوش ٿو ڪري ته ٻئي ڏينهن وري ٻئي ڏينهن ٻي سياسي گروھ کي، مڙئي سڀئي سياستدان مڇون وٽي پيا ٿا گهمن.

ان ڪري سياسي وهم ۽ گمان وڌندا ٿا وڃن ته ملڪ جو آخر ڇا ٿيندو، يا ايندڙ ڏينهن ۾ يونائيٽيڊ اپوزيشن وارا لڳي ٿو ڪنهن ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندا، ان ڪري ته ڪرسي تي چڙهڻ کانپوءِ ڪير گهر واپس عزت سان ويو ئي ناهي ان ڪري جيڪڏهن پولرائيزڊ قانونن جو فارين فنڊنگ وارو فيصلو جي عمران خان جي خلاف آيو ته پوءِ يونائيٽيڊ اپوزيشن وارا به نه بچي سگهندا، پنجاب سرڪار جا سياسي سُٽ، مسئلا يا ڄنڊا پٽ الڳ قصا آهن جن جي ڊيگھه ۾ ڇا پئجي پر اهو ضرور آهي ته هي پنج سال جيڪي اليڪشن تائين هلي پون جنهن ٻن قسمن جون حڪومتون ڏسڻ ۾ آيون آهن ۽ ايئن ڪڏهن ٿيو ئي ناهي جو مخالف بنا ڪنهن اليڪشن جي ڪرسي تي چڙهي ويٺا هجن، پر گذريل ساڍا ٽي سال ملڪي سڄي تاريخ جا ڳورا يا سخت ترين سال چئي سگهجن ٿا يا اهي سياسي سال ايترا ته سياسي خوف وارا رهيا آهن جو اهڙي صورتحال ڳالهائڻ يا اندازي کان به چڙهي وئي آهي، اها ٻي ڳالهھ آهي جو 75 سالن ۾ ورتل قرض جي جيڪو ملڪ پائي موٽائي نه ڏئي ۽ رهندو ڪندو پنهنجا ادارا گروي رکندو وڃي ته پوءِ ان ملڪ جي عوام جي لاءِ سڀاڻي خوشحالي جا ڪهڙا سورج اڀرندا، ان سڄي وارتا جي ڪري عوام ۾ مايوسي ناهي پر ڳالھ اهڙي ٿي وڃي بيهي جو چوڻ کان مٿي آهي.

سياسي اڻ تڻ ۽ فيصلن جي اڻ بڻت وڏا خدشا کڻي ٿي اچي، ان ڪري شين جو ڪنٽرول ڄڻ ڪنهن وٽ ناهي رهيو يا ڪنهن اهو ڪنٽرول آهي به ته ڄڻ مڪمل ناهي، يا اهو اڻ ڏٺو هٿ جيڪو هاڻي ويٺو ٿو ڳوٽون ڦيرائي يا شطرنج واري راند وارا مهرا ويٺو ٿو ڦيرائي يا اهو به سمجھ ۾ اچي ٿو ته اسٽبلشمينٽ به ورهائجي ونڊجي وئي آ، هڪڙا لڪل هٿ نون ليگ جي ٽوڪري ۾ ووٽ ٿا وجهن (معني سڄي يونائيٽيڊ اپوزيشن جي حصي ۾) وري ٻيا خان صاحب کي ٿا کيڏرائن، يا ان ڪري ته ان سڄي راند کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪورٽن جا فيصلا واضع ٿي اچن ۽ جنهن مان لڳي ته هاڻي جمهوريت جي بقا جو سوال باقي رهجي ويندو يا جيڪو به ٿئي ٿو ان ۾ سريلنڪا جهڙي صورتحال نه بڻبي، ان ڪري ته مذهبي جنونيت في الحال پاسي تي وڃي بيٺي آ پر ماڻهن ۾ ته سياسي انارڪي وڌي وڻ ٿي وئي آ، جو آئين، قانون ۽ آرٽيڪلن جي بالادستي پنهنجي جاءِ تي پر شخصي سحر ۾ مبتلا ماڻهن جي آڏو ڪنهن به اڳواڻ کي گھٽ وڌ ڳالهائي نه ٿو سگهجي يا ائين به نه ٿو چئي سگهجي ته ڪير غلط آ يا ڪير صحيح آ.

ٻيو اهو به آهي ته اهڙي بيڪار ۽ بي چيني واري سياسي صورتحال ۾ ڀلو آ وقت کان اڳ بنا ڪنهن سڌارن جي چونڊون ٿين، ته ڪا ٺاپر ٿئي، ان ڪري جو چونڊن جي ڳالھ تي هاڻي وري سڀ پارٽيون به ورهائجي ويون آهن، پي پي هڪڙي پاسي آ ته نون ليگ وري ٻئي پاسي بيٺي آ، مولانا جا پنهنجا بيان کٽن ئي نه ٿا ته اليڪشن ڪرايو، پر ان سڄي سياسي ميلي ۾ اها ڳالھ وري پختي يا واضع ناهي ته ڪير اليڪشن کٽندو يا ڪير هارائيدو، ان ڪري ته وڏن جلسن جي صورت ڪير به اهو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي ته ڪير انيدڙ سرڪار ٺاهي سگهندو يا ڪير مخالف سيٽن تي ويهندو ڇو ته جلسا ڪنهن به صورت ان ڳالھ جو ثبوت ناهن ته ڪنهن جي اڪثريت آ يا ڪنهن جي ناهي، وري ٻئي پاسي ڊاڪٽر حفيظ شيخ به لڪ ڇپ ۾ عسڪري قيادتن سان ملاقاتون ڪندو ٿو وتي يا اڳوڻو اسٽيٽ بئينڪ جو گورنر رضا باقر به ان تاڙ ۾ آهي ته ڪو ايندڙ انٽيرم سيٽ اپ ۾ اگهجي وڃي، ان ڪري ڪورٽن جي فيصلن جي ڳالھ رڳو اها آهي ته ”هڪ تنهنجو هڪ منهنجو“ نون ليگ کي راضي ڪري وري پي ٽي آءِ جو پاسو ٿا وهن (اهو هڪڙو جنرل پرسيپشن آ پر ظاهرن ته ائين ٿو لڳي) باقي وري ائين به آهي ته هي پي ٽي آءِ وارا جتي ساڍا ٽي سال رڳو خوف ۽ ڏٽن جي سياست ڪندا رهيا يا پهرين نئين پاڪستان جي آسرا ڏيندا هيا وري جڏهن سرڪار ۾ آيا ته مديني جي رياست تان هٿ نه پيا کڻن ۽ سمجهن پيا ته اسان جي سوسائٽي جو واحد حل رڳو مديني جي رياست ۾ آ ۽ هاڻي وري حقيقي آزادي جي ڳالھ تان هٿ نه ٿا کڻن، ان ڪري کوکلا نعرا هڻي هن عمران خان اهو سمجهي ورتو آ ته پاڪستاني سياست ڪيئن ڪجي ۽ ڪيئن ڪري سگهجي ٿي.

وري ٻيو اهو به آهي ته هن سرڪار کي ڏکيا فيصلا ان سياسي نور کان به ڪڍي ڇڏيندا، ان ڪري جو غريب عوام هن مهل تائين بيجٽ ڊيفيسٽ جي درد کي پنهنجو درد ناهي سمجهيو يا عوام جي آڏو ڪرنٽ اڪائونٽن جا خسارا ڪا معني نه ٿا رکن، عوام ان ڳالھ کي به نه ٿو سمجهي ٿو آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ پيڪيج جا پئيسا وٺڻ سان ڇا ٿيندو يا هن مهل تائين جيڪي به قرض ورتا ويا آهن انهن سان ملڪ ۾ ڪهڙي ڀلائي يا چڱائي ٿي آ، پر هاڻي جي شهباز سرڪار آءِ ايم ايف جو شرط مڃي پيٽرول، بجلي ۽ گيس جون قيمتون وڌايون ته اهو عوام کي وڏو سمجھ ايندو جنهن جي قيمت شهباز سرڪار کي ووٽن جي صورت چڪائڻي پوندي، پر سچ اهو به آهي ته انٽرنيشل ليول تي سڀ ملڪ جڏهن آلودگي کان پاڪ ٿيڻ جي لاءِ تيل جي استعمال وارين گاڏين ۽ جيڪي به مشينون تيل ۽ ڪوئلي تي هلن ٿيون اهي ختم ڪرڻ ٿا چاهن جنهن جي ٽارگيٽ جو پورائو 2030 تائين هر ملڪ کي ڪرڻو پوندو جنهن جي لاءِ سڀني ملڪن کي اهڙي تياري هاڻي کان ئي ڪرڻي پوندي، ان ڪري ته بين الاقوامي طور تي فرانس جي ”اِي پي اَي“ سڄي دنيا جي ملڪن تي پريشر رکيو آهي ته جيڪي به ملڪ صنعتن جا ڄار وڇائي ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا اهي هڪ ته ڪاربان جي ٽيڪس ڀرن ۽ ٻيو ته ماحول جي آلودگي ختم ڪرڻ جي لاءِ اهي ئي اُپاءَ وٺن ان ڪري ته ٻني ۾ بيٺل شخص يا پورهيت ان ڳالھه سان ٻڌل ناهي ته ماحول ۾ ڇا ٿو ٿئي، پوءِ پيٽرول جو ڊارمو يا قيمتن جو وڌائڻ ڇو؟ يا آءِ ايم ايف پيٽرول جي قيمتن کي رڳو اسان جهڙن ملڪن ۾ انتشار ڦهلائڻ جو ٽول ٿي سمجھي، ان ڪري حڪومت جون سڀ آلجبرائون پنهنجي جاءِ تي جيڪي ڀلي عوا کي سمجھه ۾ نه اچن پر پيٽرول جا اگھ واڌئڻ واري ڳالھه عوا کي سمجھه ۾ اچي ٿي ۽ ان ڳالهھ جو سبب رڳو نون ليگ کي ئي سمجهندا، ان ڪري اهڙن غيرمقبول فيصلن جي ڪري نون ليگ جي ساک ۽ يونائيٽيڊ اپوزيشن جي ساک به متاثر ٿيندي جنهن جي لاءِ نون ليگ گھٽ ۾ گھٽ تيار ناهي ان ڪري ڀلا جي اهو معاهدو پي ٽي آءِ جي سرڪار سيپٽمبر 2022 تائين آءِ ايم ايف سان ڪيو به هيو ته پي ڊي ايم وارا ان ڳالھه جو هُلڙَ يا لڙ ٻاري ڏين هان ته پي ٽي آءِ اهڙو ڪو ڪم ڪرڻ واري آهي يا ڪري به چڪي آ ته پوءِ اهڙي باھ ٻارن ها جهڙي هاڻي پي ٽي آءِ وارن نون ليگ جي لاءِ ٻاري آهي، ته عوام کي پي ٽي آءِ جي خبر پئي ها ته اهي ڪهڙي ڪم ۾ رڌل آهن، پوءِ تيل وڌائڻ واريون ڳالهيون رڳو آءِ ايم ايف جي شرط تائين محدود آهن، ان ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏيون گھٽ ڪرڻ ۾ ئي ملڪن جو فائدو آهي پوءِ پيٽرول جڏهن عالمي پڙيءَ ۾ گھٽجي ٿو ته پاڪستان مهانگو ڇو ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.