چئُه! جو توکي چوڻو آ……

نه بجلي نه پاڻي شهر جو نالو جوھي!

جوھي زرعي پاڻي نه ھجڻ ڪري ڪيترن ئي سالن کان ڪربلا جھڙي صورتحال مان گذري رهي آهي جنهن ڪري سڄي جوھي ڏڪر جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي جوھي جي درد.ڏک.سور تڪليفن جي ڏانھن ڪنھن کي ڏجي جي جُوھي جي دردن کي لکڻ جي ويجهو ته لکڻ کان به زور آھن جوھي فائدو ته حڪمران ڌر کي ھميشه ڏيندي پئي اچي پر جوھي ڏکن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل آهي ڏک ڏيڻ وارا پري جا به ناھن پر جيڪي به وار ٿيا پنهنجن جي طرفان ئي ٿيا آهن حق سچ لکڻ تي موتمار ڌمڪيون .

صحافي دوستن سان بي واجبيون ھٿرادو مھانگائي.بجلي جي لوڊشيڊنگ.حد دخليون ڪرپشن.مختصر لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ڪرپشن جو مرڪز جوھي ئي چئجي ته غلط نه هوندو ھر قسم جي داداگيري توهان کي جوھي ۾ ڏسڻ جي لاءِ ملي ويندي.

جوھي کي ڪنهن جي ته بد دعا لڳي وئي آهي يا ڪنهن جي نظر اُڏھي جيئان کائي وئي آهي جو روز بروز مسئلن جا انبار آهن ھي مسئلا حل ٿيڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن امن جو پکيئڙو ته ضلعي کان گهڻو اڳ ئي ڪاوڙ ڪري ھلي وئي آهي جنهن شھر جا جاگيردار ئي دشمن بڻجي وڃن ته ان شهر جو خدا ئي حافظ آهي.

ھن وقت سخت مسئلن جي ڪوڙڪي ۾ جوھي ڦاٿل ۽ بي يارو مددگار بڻيل آهي جڏهن ماڻهو صبح جو ڊيوٽي تي ويندا آهن ته کين خوف ورائي ويندو آهي ته شام جو صحيح سلامت گھر موٽي اينداسين الائي نه ۽ پويان وري ساڳي ڪيفيت ھوندي آھي ته اسان جو ٻچڙو خير سان  شل موٽي اچي ماءُ پيءُ ۽ گھر جا ٻيا ڀاتي به ڳڻتين ۾ ورتل ھوندا آھن جڏھن ٻچڙو سلامت گھر ايندو آهي ته ماءُ جيجل ۽ بابو سک جو ساھ کڻندا آهن ايتري قدر دادو ضلعي ۽ جوھي شھر جي حالت خراب ٿي وئي آهي سج لٿي کان پوءِ سڄو شهر دادو  جوهي بند ٿي ويندو آهي ۽ ڪير به گھران نڪرڻ جي لاءِ تيار نه ھوندو آھي بدامني چوٽ تي چڙهيل آهي ڪو به آفيسر يا حڪومتي عملو ان ٻرندڙ باھ کي وسائڻ جي ڪوشش به نه ڪندا آهن ھر ڪو مستو مست آهي دشمن به خوش رياست به خوش اصل مسئلو ته عوام جو آهي جيڪي روز بروز وڌندڙ بدامني جي باھ ۾ سڙي رک ٿي رھيو آھي جوھي جي عوام جو ڪھڙو قصور يا گناھ آھي جو ھنن کي گنڊن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي مڃون ٿا ته مسئلا ٿيندا آهن ته انھن کي حل ڪرڻ به رياست جي ذميواري آهي پر ھتي رياست ته ھر خبر کان بي خبر بڻيل ھجي ۽ لاتعلقي جو اظهار ڪري ته پوءِ ڇا ڪجي.

شھر جي صفائي جي ڳالھ ڪجي ته اسان شھري به شرمندا ٿي وڃون ٿا ته پنهنجي شھر جي ڪھڙي منھن سان خبر ھلايو يا پنھنجي شھر تي ڇا ِلکون اسان عوام ته ھوندا ئي بيوس آھيون چوڻ ان کي گھرجي جو ٻئي شهر جو ھجي پر ھتي ته ايم اين اي.۽ ايم پي اي به ھنن ئي شھر جا آھن ھر شئي کي ڏسن ٿا ۽ ھر خبر کان واقف آھن عوام جي احتجاجن کي به ڏسي رهيا آهن بدامني جي به سڄي علم اٿن پوءِ به خاموشي اختيار ڪرڻ جو ڪھڙو سبب ٿي سگهي ٿو .

يا ته رياست کان چور ڏاڍا آھِن يا ته ھنن پاڻ شھرن کي چورن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي کائو پيو عيش ڪيو ۽ مون کي دعائون ڪيو پر ووٽ مون کي ڏِجو اسان جا حق اسان کي نه پيا ملن ته پوءِ ماڻھن جي صبر جو برداشت ختم ٿي ويندو آهي ھر طرف افراتفري جو ماحول مچي ويندو آهي ماڻهو مرندا خونريزي جو خطرو لاحق ھوندو آھي ۽ مون ته پري پري تائين امن نظر نه ٿو اچي ۽ خدشو آهي ته حالاتون وڌيڪ خراب ٿيندا يا ته بھتر ٿي ويندا وقت سدائين ھڪجڙو نه رھندو آھي اوڻيھ ويھ ٿيندا رھندا آھن ۽ ڪامياب اُھي ماڻھو ٿيندا آهن جيڪي صحيح وقت جو استعمال ڪندا رهندا آهن .

ھنن کي اھڙي پوک پوکڻي آهي جو ايندڙ وقت ۾ ڪم اچي وڃي پر ھي جاگيردار الائي ڪھڙي رھيل ٽارگيٽ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن جو خبر ئي نه ٿو پوي روڊ.رستا.تاريخي ماڳن جي لاءِ ايندڙ بجيٽون الائي ڪٿي خرچ ڪيا ويندا آهن ڪنھن کي به ڄاڻ نه آهي ھِتي جاگيردارن جي خوف ۾ ڪير طوطي وانگر ٻولڻ لاءِ به تيار ڪونهي ماڻهو ويچارن پنهنجي چپن کي ايلفيون ھڻائي چڏيو آهن ڪنن ۾ ڪپھ. ۽ خاموشي جا روزا رکي چڏيا آهن ته اکين تي پٽيون ٻڌي چڏيو آهن ھر ڪو بيوس ۽ ڳالھائڻ کان ڊڄندو آهي ڪير ھمت ڪري چوي ته شيھن جي وات مان دپ پئي اچي ڏِينھَن جا 12 ڪلاڪ ۽ رات جا 12 ڪلاڪ ملايا وڃن ته 24 ڪلاڪ ٿيندا آهن پر 24 ڪلاڪن ۾ اھڙو ھڪ ڪلاڪ به نه آهي جو چوري جي واردات درج نه ٿيو ھجي بدامني جي ڳالھ ن ٿي ھجي ھر طرف افراتفري جو بازار گرم آهي عوام ٻٽي عذاب ۾ اچي ويو آهي .

عمران حڪومت جي خلاف واويلا مچائيندڙ کان ڪير پچي ته توهان ڪھڙا کير جون نديون وهايون آهن ڪنھن کي نوڪريون ڏنيون آهن ڪھڙو رليف فراهم ڪيو ڪھڙا ادارا رشوت نه ٿا وٺن ڪھڙا آفيسرز ٽائيم جا پابند آهن ڪھڙو آفيسر ڊيوٽي جي ٽائيم کان اڳ ۾ گھر نه ويندو ڪھڙو روڊ ٺاھيو اٿو ڪھڙي سھولت ڏني اٿو بيوھ عورتن جا پيئسا کائي ويا آهيون  اِحساس ڪفالت جا پيئسا ھڙپ ڪري ويا آهيون اوهان جي ڪھڙي نعمت کان انڪار ڪندئو وقت جا حاڪم ٻڌي چڏ اڄ جيڪو به ڪجههڪري رهيو آھين ھتي تون بلڪل ڏاڍو آھين پر ياد رکي چڏ رب پاڪ جي اڳيان تون ڏاڍو نه آھين وڌيڪ جي لاءِ تون راز جو راڻو آھين رات کي ڏينهن چئي يا ڏينھن کي رات چئي راشن.امداد کائي ويا آهيون اسپتالن جي مرمت لاءِ ايندڙ پيئسا کائي ويا آهيون اسڪولن جا فنڊز کائي ويا آهيون غريبن جي زمينن تي قبضا ڪري ڇڏيو اٿو خاتائون تبديلي ڪري پرايون زمينون پراپٽيون پنهنجي نالي تي ڪرائي چڏيو اٿو باقي بچايو ڇا آهي.

مجيد بلوچ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.