سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي هڪ سنگين مسئلو

تاريخي طور سنڌ هڪ سکيو ستابو خطو رهيو آهي، جنهنڪري عرصي کان هتي ڌاريا ايندا رهيا آهن جيڪي هن ئي ڌرتي جا ٿي ويا. مختلف وقتن ۾ هتي ايندڙ ڌارين جو معاملو 80 واري ڏهاڪي ۾ عوامي سياسي سجاڳي سان اڀري ڪري سامهون آيو، جيتوڻيڪ ان کان اڳ به هر آمر جي دور ۾ هڪ منظم رٿابندي سان سنڌ ڏانهن ڌارين جي آمد جو سلسلو جاري رهيو آهي. جڏهن بئراج نڪتا ته نيون زمينون به آباد ڪرڻ جي لائق ٿيون، ان دوران پنجاب جي اباگارن کي آندو ويو، جنهن خلاف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي منظم جدوجهد هلائي هئي ان هوندي به وڏي انگ ۾ غير سنڌين کي اهي زمينون ڏنيون ويون هيون.اهو پاڪستان جي قيام کان ڪجهه اڳ جو دور هو،سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اهي اڄ به آباد آهن،پاڪستان قائم ٿيڻ بعد به هڪ وڏي رٿابندي سان پناهگيرن کي سنڌ طرف رخ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي جنهن جو اصل مقصد انهن کي هتي آباد ڪري پنهنجا تڪ جوڙڻ هو، جنهن سان سنڌ جي سموري ڍانچي ۾ اهڙو بگاڙ آيو جنهن کي هن وقت تائين سنڌ جو ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي.

ڌارين کي سنڌ ۾آباد ڪرڻ جو ٻيو وڏو فيز فليڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾شروع ٿيو جنهن دوران به ڌارين کي آڻي سنڌ ۾ وسايو ويو هو، اهڙو ئي ڪم جنرل ضياالحق جي دور ۾ به ڪيو ويو ، جنرل ضيا واري دور م  ته سنڌ سان ڪيترن ئي حوالن سان ظلم ۽ زيادتي ٿي.

اهو سڀ ڪجهه انڪري ٿيو جو سنڌ سان دشمني رکندڙ ڌرين جو اهو خواب هو ته هڪ سجاڳ قوم کي اهڙو گهيرو ڪجي جو هو سياسي طور تي پنهنجو اثر وڃائي ويهي، ڌارين جي معرفت اصل قوتون هن خطي جي عوام ۽ وسيلن تي پنهجي گرفت منظم ڪري سگهن.

سنڌ سان ڏاڍائي ۽ زيادتي جو قصو عرصي کان جاري آهي پر ان ۾ ٻه وڏا دور آيا آهن هڪ جڏهن ورهاڱي بعد سنڌ ۾ پناهگيرن کي آندو ويو ٻيو جڏهن جنرل ضيا جي مهرباني سان 1980 کان ٿورو اڳ جڏهن افغانستان ۾ هڪ سياسي تبديل آئي هئي. هن وقت سنڌ جي مجموعي ڍانچي ۾ وڏي پئماني تي آيل بگاڙ جي نتيجي ۾ سنڌ جي اڪثر شهرن توڙي ٻهراڙي وارن به انهن علائقن ۾ جتي جون زمينون ڀليون آهن اتي انهن ڌارين جي چڱي خاصي گرفت آهي. بقول اسان جي قومي شاعر ابراهيم منشي جي ته ”مون پڪ سڃاتا پنهجا ها ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“ اهو قصو اڄ به جيئن جو تيئن جاري ساري آهي، هن وقت سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊيون ٿي رهيون آهن،جنهن ۾ به اهو ئي خدشو موجود آهي ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾اهي ڌاريا ئي ڪيترين ئي جاين تي مقامي ماڻهن جي مد مقابل هوندا، انهن کي هن وقت ته سياسي طور تي به هڪ جوڳي حمايت به مليل آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سرڪار سنڌ م رهندڙ افغاني شهرين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي انهن بابت رسمي طور انگ اکر به ڄاڻايا هئا پر ان انتهائي حساس معاملي کي ڪا به ڌر سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش نٿي ڪري، جيڪڏهن ان تي عملي طور  تي ويچاريو وڃي ته سنڌ جي ڏورانهن علائقن توڙي وڏن شهرن ۾ اهي افغان پناهگير موجود آهن، جيڪي ڪراچي ۾ ڏهاڪن کان آباد ڪيا ويا هئا، اهي هاڻي هتي منظم طاقت ٿي ويا آهن، جيڪي وري ڪراچي کان نڪري باقي شهرن ۾ به بنا روڪ ٽوڪ جي پکڙي ويا آهن،اهي پناهگير سنڌ جي هر علائقي ۾ هر غيرقانوني عمل ۾ پڻ ملوث آهن، پر جيئن ته سنڌ ۾ نالي ماتر حڪومت جي مشينري مان هنن کي ڪو به خطرو نه آهي ان ڪري هو هر هنڌ هر ڪم، آزادي سان ڪري رهيا آهن، ڳچ عرصو اڳ ڪراچي جي پوليس اهو قبوليو هو ته اهي افغاني شهري ميٽروپوليٽن شهر ۾ وڏن ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن، پر پوءِ به هنن خلاف ڪڏهن به ڪا ڳڻپ ۾ اچڻ جهڙي ڪارروائي نه ٿي آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي ۾جيئن  ٽريفڪ جو هفتو ملهائي ٽريفڪ جي ڀڃڪڙين خلاف رسم پوري ڪئي ويندي آهي ان طرح سان سنڌ سرڪار جي هدايت تي پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙي رسم پوري ڪندي سنڌ ۾ رهندڙ لکين غيرقانوني مهاجرن مان ڪجهه درجن پڪڙي قانون جي رسم پوري ڪري ٿا ڇڏين، جن کي بعد ۾ ڏنو پٽ ڇٽو، تحت وري ساڳي ڪار جي لاءِ آزاد ڇڏيو ويندو آهي.

اهو جيترو سنگين مسئلو آهي اوترو ئي نظر انداز ٿيل آهي جنهنڪري ان تي سرڪار ڪڏهن به سنجيدگي سان سوچڻ جي لاءِ تيار نٿي ٿئي. هئڻ ته ائين گهرجي تي سنڌ م غيرقانون طور رهندڙ ڌارين، جنهن ۾ افغاني بنگالي برمي ايراني تاجڪي ازبڪ توڙي ٻين شهرين جي سخت مانيٽنرگ ڪئي وڃي انهن کي هتي جي شهري حقن کان محروم رکيو وڃي پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي، جنهنڪري وڏن شهرن ۾ اهي ڌاريا هاڻي هڪ مافيا جي صورت ۾ موجود آهن، جنهن ۾ هاڻي ته اهي ادارا هٿ وجهندي به لهرائين ٿا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪراچي ۾ بدامني وڌي رهي آهي، سرڪاري آفسر رڳو اهو هڪڙو ئي جواز ڏيندا آهن تي هيڏي وڏي آبادي واري شهر  ۾ ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ايترو آسان به نه آهي.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ سرڪار ۽ ٻيون اهي سياسي ڌريون جيڪي دعويٰ ڪن ٿيون ته اهي سنڌ جون دوست آهن انهن کي هن نازڪ مسئلي بابت گڏيل طور وڏي هلچل هلائي ڌارين کي هتان نيڪالي ڏيڻ م پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جي ائين نه ٿيو ته ڪجهه ئي وقت ۾ سنڌ جي وسلين ۽ سنڌ تي اختيار واري حق کان سنڌ جو ماڻهون محروم ٿي ويندو. اهڙي صورت جنم وٺڻ کانپوءِ هتي گهڻي نفرت ۽ ڇڪتاڻ به پيدا ٿي سگهي ٿي، انڪري اهو وقت جي حڪومت تي فرض ٿئي ٿو ته اها عملي اثرائتي رٿابندي سان هتان ڌارين کي تڙي ڪڍي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.