ميثاق معيشت وقت جي اهم ترين ضرورت

سيد مجتبيٰ رضوان

پاڪستان ۾ هن وقت ميثاق جمهوريت کان وڌيڪ ميثاق معيشت  وقت جي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي. ملڪي معيشت بابت اهو احساس ڪافي ڏهاڪا پراڻو آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معيشيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڏکين حالتن مان ڪڍڻ جي لاءِ گهربل قدم کڻي رهي آهي.

هن چيو ته گذريل حڪومت ملڪ کي اهڙي بدانتظاميءَ جي حالت ۾ ڇڏيو هو جو ان کي مسئلن مان نڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو، وزيراعظم جو چوڻ هو ته هن جو واپارين ۽ ڪاروباري برادري سان ملاقات جو مقصد انهن جا مسئلا معلوم ڪرڻ هو.۽ انهن جو حل ڪڍڻ آهي.ياد رهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ به ميان شهباز شريف پي ٽي آءِ جي چيئرمن سان ڪيترا ئي ڀيرا چارٽر آف اڪاناميءَ لاءِ رابطو ڪري چڪو هو.

گذريل ڏينهن جڏهن سڌ سماءَ واري وزير کان پڇيو ويو ته اقتصادي معاهدي لاءِ اڳوڻي حڪومت سميت ٻين سياسي پارٽين سان رابطو ڪرڻ جو ڪو امڪان آهي ته هن چيو ته بلڪل پي ٽي آءِ سان به ميثاق معيشت لاءِ ڳالهائي سگهجي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته  وزيراعظم شهباز شريف اڳ ئي چئي چڪوآهي.ته  پاڪستان  حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته ملڪ جي معيشت انتهائي خراب آهي، جيتوڻيڪ ٻئي ڌريون ان  مشڪلات جا مختلف سبب بيان ڪن ٿيون . ملڪي معيشيت بابت اهو احساس ڪافي پراڻو آهي جنهن جو  ثبوت اهو آهي ته هر ايندڙ حڪومت پهريون بيان اهو جاري ڪندي آهي ته قومي خزانو خالي آهي. موجوده وزير اعظم ميان محمد شهباز شريف جڏهن وزير اعظم جو حلف کنيو ته پهريون بيان ڏنو ته ملڪ جي معيشت تباهيءَ جو شڪار آهي،

جنهن کي کيس منهن ڏيڻو هو. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان به اڳوڻي ن ليگ جي حڪومت جي ڇڏيل  معيشت بابت اهڙا بيان ڏنا هئا، سياسي گروپن جي بيانن ۾ شايد پروپيگنڊا  به هجي، پر حقيقت اها آهي، جيڪا قوم محسوس ڪري ٿي.

سو هن وقت حقيقت اها آهي ته پاڪستان جو هر شهري انتهائي مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ پريشان آهي. تازو ئي هڪ عام جائزي وٺڻ واري اداري ’پلس ڪنسلٽنٽ‘ هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 70 سيڪڙو پاڪستاني خرچ پوري نه ٿي سگهڻ جي جي دانهن پيو ڪري،

زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجي ذاتي تجربي جي بنياد تي معيشت کي خراب يا سٺو قرار ڏين ٿا. ڪاروباري برادري بار بار بيان ڪيو آهي ته معيشت جي موجوده حالت ڇا آهي.ان برادريءَ موجب ماڻهن وٽ خريداري جيتري رقم نه آهي.ڪجهه ماهرن خدشو ڏيکاريو  آهي ته سريلنڪا جي ڏيوالي نڪرڻ بعد هاڻي پاڪستان جو وارو آهي.دعا ڪجي ٿي ته ائين نه هجي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان کي ڪجهه ڪم ڪرڻا هئا، بدقسمتيءَ سان اهي اڃا تائين نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري پاڪستاني قوم بدترين معاشي بحران ۾ ڦاٿل آهي. مان سمجهان ٿو ته هاڻي اسان کي صحيح معاشي پاليسي اختيار ڪندي پنهنجو رخ ٺيڪ ڪرڻ گهرجي ۽ تيز سفر ذريعي هن مشڪل مان نڪرڻو پوندو.اسان کي هڪ اهڙي اقتصادي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي جنهن ۾ پاڪستان جا سمورا طبقا  شامل هجن.ان کانسواءِ معاشي بحران مان نڪرڻ ممڪن نه آهي. هن وقت پاڪستان کي هڪ مڪمل ۽ جامع ’ميثاق معيشت ‘ جي ضرورت آهي جنهن جي اهميت خود  وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف  ٽي سال اڳ واضح ڪري چڪو آهي. اڄ به اقتصاديات جا ماهر ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهن.

ڪجھه نقطا جيڪي ‘معيشت جي معاهدي’ جو بنياد بڻجڻ گهرجن، سي هي آهن، اهڙي ميثاق معيشت جنهن جي نتيجي ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙ واپارين کي قومي هيرو جو درجو حاصل هجي. دنيا ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙن کي خاص رعايتون ڏنيون وڃن ٿيون.هاڻي اسان کي اڻ سڌي ٽيڪس جي بجاءِ سڌي ٽيڪس جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. اهو ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو. پوء اسان کي ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جي ضرورت آهي.ان جي ابتڙ  اسان جا پاليسي ساز ادارا ٽيڪس جي شرح وڌائڻ تي ڌيان ڏين ٿا، اهڙي طرح ايف بي آر ۾ سڌارا به وقت جي اهم ضرورت آهن ته جيئن اداري کي ڪاروبار دوست بڻائي سگهجي.

اسان وٽ واپاري طبقي بابت اها ڪوڙي پروپيگنڊا آهي ته هو ٽيڪس ڏيڻ کان لاچار آهن جيتوڻيڪ اهو غلط تاثر  آهي. واپاري طبقو ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر هو هڪ مقرر ٽيڪسيشن چاهين ٿا، ملڪي معيشت کي بهتر ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ سنگل ڊيجيٽ سيلز ٽيڪس جي ضرورت آهي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪاروبار ۾ تڪرارن جي صورت ۾ نيب بدران ايف بي آر پنهنجو ڪردار ادا ڪري.ان جو هڪ طريقو اهو آهي ته تيز رفتاري سان هلندڙ ڊجيٽل ڪاروباري عدالتون قائم ڪيون وڃن، اهڙي طرح هاڻي زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳائڻ لازمي ٿي پيو آهي. اسان کي ڪي ٻيا جرئتمندي وارا قدم کڻڻا پوندا. مثال طور، درآمد جي بنياد تي واپار واري پاليسي جي بدران، اسان کي مقامي پيداوار جي بنياد تي صنعتي پاليسي جي تحت اڳتي وڌڻو پوندو. اسان کي صنعتي خام مال جي مقامي پيداوار تي ڌيان ڏيڻو  پوندو. ٻيو اهم قدم اهو آهي ته حڪومت صنعتي قرضن جي مارڪ اپ کي گهٽ ۾ گهٽ رکي، اسان کي پنهنجي چارٽر معيشت مان اسمگلنگ جي لعنت کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته اهو مقامي صنعت لاءِ زهر آهي. پاڪستان ڪسٽمز جي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي،

پرائيويٽ-پبلڪ پارٽنرشپ جي راهه اختيار ڪري اسان ترقي جي طرف تيزيءَ سان سفر ڪري سگهون ٿا، هاڻي اسان کي ان پريشانيءَ مان نڪرڻو پوندو ته پي آءِ اي، اسٽيل ملز،ريلوي جهڙن ڪارپوريشنز جي بحالي ڪجي يا ڳوري  نجڪاري.

ڪو هڪ رستو اختيار ڪرڻ جي لاءِ قومي يڪسوئي حاصل ڪرڻي پوندي..

* اسان کي پنهنجي التوا واري قومي منصوبن جي تڪميل لاءِ اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي،

*سي پيڪ اسان جو قومي مستقبل آهي، ان جي تعمير لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، سي پيڪ کي مڪمل ڪرڻ گهرجي.،سي پيڪ انٽرنيشنل زونز جي تڪميل به هنگامي بنيادن تي ڪرڻي پوندي،

اسان کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هڪ آزاد اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مضبوط معاشي پاڪستان جي ضامن آهي.

اسان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته خودمختاري ئي خود داري آهي. ان سلسلي ۾ ترڪي جو مثال سمجهي سگهجي ٿو. موجوده حڪمران رجب طيب اردوان جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ترڪي جو ڏيوالو نڪتو پيو هو پر اڄ ترڪي هر لحاظ کان خود ڪفيل آهي،نتيجي ۾ اهو دنيا جي هر شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته خودمختاري لاءِ هڪ مضبوط معيشت جي ضرورت آهي ۽ هڪ مضبوط معيشت لاءِ اقتصادي پاليسي جي تسلسل جي ضرورت آهي. ان ۾ ئي اسان جي قوم جي بقا آهي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومتون پنهنجي حڪمرانيءَ جي آخري سال ۾ ايندڙ عام چونڊون کٽڻ لاءِ ترقياتي فنڊن جو بيدرديءَ ۽ لاپرواهيءَ سان استعمال ڪن ٿيون،نتيجي ۾ ملڪي معيشت کي نقصان پهچي ٿو. ان ڪري ميثاق معيشت ذريعي ان روش کي ختم ڪرڻو پوند.وميثاق معيشت اصل ۾ سموري قوم جو عهد هجڻ گهرجي، جنهن مطابق نه رڳو پنهنجو زندگي جو رويو تبديل ڪرڻو آهي پر خاص ڪري حڪومتن کي پنهنجي طرز حڪمراني کي تبديل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان معاشي مشڪلات مان نڪري خوشحالي ۽ ترقي حاصل ڪري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.