اسين موت جي ويجهو آهيون، سري لنڪا جي ماڻهن جون دانهون

ڏکڻ ايشيا جو هي ٿوري آبادي وارو ملڪ سريلنڪا هڪ مٿان ٻئي بحران جي ور چڙهي ويو آهي، ببڍڙي ٻيٽ تي واقع هن ملڪ ۾ ڪجهه مهينن کان سياسي معاشي ۽ خوراڪ جو بحران هلندڙ آهي، ملڪ ۾ ماڻهن اڳوڻي سرڪار خلاف احتجاج ڪري وزيراعظم کي لاهي ڇڏيو هو، نئين وزير اعظم رانيل وڪرما سنگهه عوام کي  خوراڪ جي کوٽ بابت خبردار ڪيو آهي،هن چيو ته ملڪ انتهائي ڏکي حالت ۾ آهي.

ميڊيا موجب صدر جي گذريل سال اپريل ۾ سمورن ڪيميائي ڀاڻن تي پابندي ڪري زرعي پيداوار  تباهي جي ڪناري پهچي وئي آهي.،حڪومت هاڻي پابندي ختم ڪئي آهي پر هن وقت تائين ڪا به مناسب درآمد نه ٿي سگهي آهي.

صدر راجا پاڪسي جمعي تي ڪابينا ۾ 9 نوان ميمبر کنيا آهن ، جن ۾ صحت، واپار ۽ سياحت جون اهم وزارتون شامل آهن، پر ڪنهن کي به ناڻي واري وزير طور نامزد نه ڪيو آهي، ۽ اهو قلمدان ممڪن آهي ته وزير اعظم جي هٿ  ۾ هجي.

سري لنڪا، جيڪو گهڻو ڪري سياحت تي ڀاڙي ٿو، پرڏيهي مٽاسٽا، ٻارڻ ۽ دوائن جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اقتصادي سرگرمي سست ٿي چڪي آهي.

ملڪ جي تجارتي مرڪز ڪولمبو جي بازار ۾ ميوا ۽ ڀاڄيون وڪڻڻ واري 60 سالن جي عورت جو چوڻ آهي ته اهو ان تي بحث ڪرڻ اجايو آهي. ته زندگي ڪيتري مشڪل بڻجي وئي آهي.ڀرسان، هڪ دڪان جي اڳيان دڪاندارن جي هڪ ڊگهي قطار لڳل هئي.

اهي ماڻهون  گئس جا سيلنڊر ڀرائڻ آيا هئا.جنهن جو اگهه چوٽ چڙهيل  آهي، گيس جي هڪ سلينڊر  اپريل ۾ 2 هزار 675 رپين ۾ ڀريو پئي ويو سو  هاڻي 5 هزار رپيا ٿي ويو آهي.هڪ ڊرائيور ٽن ڏينهن کان قطار ۾ بيٺو هو، پنهنجي پنجن ڄڻن جي خاندان لاءِ گئس وٺڻ آيو آهي.

مختلف حالتن ۾ ورتل ماڻهن جو چوڻ هو ته اسان کاڌ خوراڪ کانسواءِاسئو سيڪڙو  مرڻ جو ويجهو پهچي ويا آهيون، مرڪزي بئنڪ جي گورنر  ٻڌايو ته عالمي بئنڪ جي قرضن ۽ تيل ۽ ڪوڪنگ گيس جي لاءِ رقم حاصل ڪئي آهي پر اڃان اهي شيون حاصل نه ٿي سگهيون آهن.

مرڪزي بئنڪ جي گورنر موجب ايندڙ ٻن مهينن ۾ مهانگائي 40 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي سگهي ٿي پر ان جو سبب طلب ۽رسد ۾ توازن جو بگاڙآهي.

اپريل ۾ جڏهن ته کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ 46.6 سيڪڙو اضافو ٿيو، صدر جي ڀاءُ وزير اعظم مهندا راجاپڪسا گذريل هفتي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.مرڪزي بئنڪ چيو ته قرضن جي واپسيءَ لاءِ بحالي واري پروگرام کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

هن چيو ته اسان ڏيوالپڻي جي حالت ۾ آهيون، اسان جو موقف بلڪل واضح آهي، جيستائين قرضن جي بحالي نه ٿيندي، تيستائين اهي قرض واپس نه ڪري سگهبا.

ملڪ هن وقت خوراڪ،دوائن ۽بنيادي ضرورتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.