ڇا ملڪي سياست لاءِ ايندڙ 48 ڪلاڪ اهم آهن؟

سڪندر چنو

وزيراعظم شهباز شريف ملڪي معاشي حالت ۾ اهڙي ته ڪاري طوفان ڪن ۾ ڦاسي پيو آهي جو جيڪڏهن سخت معاشي فيصلا ڪري ٿو ته عوام جو سخت رد عمل ايندو. ۽ جيڪڏهن نه ٿو ڪري ته ملڪ معاشي طور ڏيوالو ٿي ويندو. هن وقت وزيراعظم ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته پي ڊي ايم جلد بازي ڪري عمران خان کي ته گهر ڀيڙو ڪيو پر حڪومت ايندي ئي ڊالر 200 روپين کان به وڌي ويو آهي. آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمٰن سان ملي ڪري هڪ صلاح ڪئي آهي ته ايندڙ اليڪشن لاءِ ن ليگ جو ٻيڙو ٻوڙڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي گڏجي آٿت ڏيڻ گهرجي ته جيئن ڏيڍ سال تائين ن ليگ حڪومت ۾ ڦاٿل رهي. جيترو وقت گذرندو رهندو اوترو ن ليگ بدنام ٿيندي رهندي ۽ ن ليگ جي ووٽ ۾ پڻ گهٽتائي ايندي. هن وقت ڪجهه به ٺيڪ ناهي. اسٽبلشمينٽ في الحال ڏسو ۽ انتظار ڪريو واري پاليسي تي گامزن آهي. هن وقت خير جي ڪابه خبر نه آهي. اسلام آباد ۾ وڏي ڳڻتي واري صورتحال آهي. وزيراعظم ڪيتريون ئي اهم ميٽنگيون ڪيون آهن. ڪجهه ملتوي به ڪيون ويون آهن. موجوده حڪومت پاران اسٽبلشمينٽ کان گارنٽي ورتي پئي وڃي ته اسان کي سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني وڃي. في الحال حڪومت سخت مونجهارن ۾ ڦاٿل آهي. وزيرخارجه بلاول ڀٽو زرداري به آمريڪا کان معاشي امدادي پيڪيج وٺڻ ۾ بظاهر ناڪام نظر اچي ٿو. ۽ آئي ايم ايف پاڪستان کي وڌيڪ معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ وڃي رهي آهي. ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ معاشي مشڪلاتون آڻڻ لاءِ بضد آهي. جيڪڏهن آئي ايم ايف جي پيڪيج تي حڪومت عمل ڪيو ته هڪ ته ملڪ ۾ مهانگائي جو وڏو طوفان ايندو ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو پارٽيون اسٽبلشمينٽ کي مدد لاءِ سري عام سڏي رهيون آهن. پهريان ائين نه هوندو هئو. پهريان اسٽبلشمينٽ پويان ٿورو گهڻو بيٺل هوندي هئي. ۽ سياستدان هاڻي اهڙا ته آرسيلا ٿي ويا آهن جو اسٽبلشمينٽ کان سواءِ ٿورو به اڳتي قدم نه ٿا رکي سگهن. سڀ جو سڀ فقيرن جيان جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 4 تي قطارن ۾ پنڻ لاءِ بيٺل ۽ ويٺل نظر اچن ٿا. ۽ پوءِ جڏهن آشيرواد جو هٿ سندن مٿي تي رکيو وڃي ٿو پوءِ ئي اتان خوشيءَ وچان نچندا ڪڏندا ميدان ۾ اچن ٿا.

اسٽبلشمينٽ ڪڏهن به هڪ پارٽيءَ جو پاسو نه ورتو آهي نه وٺندي آهي. سسٽم کي ڦيرائيندي رهي ٿي. پوءِ اها اسٽبلشمينٽ سول هجي يا عسڪري. اسٽبلشمينٽ لاءِ هن وقت ڪجهه اشوز آهن هڪ ته اڳوڻو وزيراعظم اسٽبلشمينٽ کي پڪاري رهيو آهي ته مون کي واپس اقتدار ۾ آڻيو ۽ جيڪي اقتدار ۾ آيا آهن اهي وري اسٽبلشمينٽ کي هر مسئلي ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ هڪ پيج تي گڏ بيهڻ لاءِ ايلازو آهن. اقتداري ڌرين اسٽبلشمينٽ کي واضح پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن اسان جي مدد نه فرمائي ويئي ته اسين عمران خان پاران جيڪو معيشت جو حال ڪيو ويو آهي ان کي سروائيو نه ڪري سگهنداسين. اسلام آباد ۾ افواهون آهن ته حڪومت بس وڃڻ واري آهي. حڪومت کي هڪ مهينو ٿيو آهي. پر عوام کي رليف نه ملي سگهيو آهي. اتحادين حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ اسٽبلشمينٽ کي واضح ٻڌايو هيو ته بس اسان کي اقتدار عمران خان کان کسي ڏيو باقي مشڪل فيصلا به آئي ايم ايف سان اسين ڪنداسين. اها به هڪ وڏي چال هئي ته جيئن ن ليگ جي مقبوليت کي ملڪ ۾ خاص ڪري پنجاب ۾ دفن ڪري ڇڏجي. هاڻي اها چال ڪنهن جي هئي. اهو ٻڌائڻ ضروري ڪونهي. ڇاڪاڻ ته سڀ ان سياسي استاد جا واقف آهن.  اسٽبلشمينٽ پهريان ئي چاهي پئي ته نواز شريف ۽ مريم نواز مائنس هوندا باقي شهباز شريف کي وزيراعظم ڀلي ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته مريم نواز جا بيان اسٽبلشمينٽ خلاف ايندا رهيا آهن. جڏهن ته شهباز شريف هميشه اسٽبلشمينٽ جو حمايتي رهيو آهي. هن وقت عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجواه جو نالو وٺي ان تي حملا ڪري رهيو آهي. بظاهر ڏٺو وڃي ته عمران خان اقتدار هوندي چيو هيو ته جيڪڏهن مون کي اقتدار کان ٻاهر ڪيو ويو ته آءٌ وڏو خطرناڪ ٿيندس. سو خطرناڪي ظاهر ڪري رهيو آهي. هاڻي تحريڪ انصاف جا اڳواڻ اسٽبلشمينٽ کان به سوال ڪري رهيا آهن ته ٺيڪ آهي. اسان کي ٻاهر ڪڍيو ويو. اسان ٺيڪ نه هياسين. ته پوءِ چورن کي اقتدار ۾ ڇو آندو ويو آهي؟ جن تي اربن روپين جي ڪرپشن جا الزام آهن. ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ڪرپشن کي ايڏي وڏي اهميت ڪونه ٿي ڏني وڃي البته شهرن ۾ ان جو پڙاڏو وڏو آهي ڪرپشن جو پڙاڏو مڊل ڪلاس ۾ وڌيڪ آهي. هن وقت اسٽبلشمينٽ اندر صلاح مشورا ٻڌايا پيا وڃن ته عمران خان جي پريشر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جلد اليڪشن ڪرائي وڃي. ڇاڪاڻ عمران خان به اهو ئي چاهي ٿو. ايندڙ اليڪشن عمران خان کٽي ته نه سگهندو. البته ان جو پريشر گهٽ ٿي ويندو. ايندڙ اليڪشن ۾ ڪنهن به پارٽيءَ کي اڪثريت نه ملندي. گڏيل حڪومت ئي جڙندي. جولاءِ ۾ حڪومت گهر ڀيڙو ٿي ويندي. اهو اسٽبلشمينٽ جو فيصلو آهي. هن وقت حڪومت به ان ڳالهه تي بضد آهي. ته جيڪڏهن اسان کي جولاءِ ۾ گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ سخت معاشي فيصلا اسين ڇو ڪريون؟ عوام اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. ۽ اسان جو ووٽ بئنڪ وڌڻ بجاءِ گهٽ ٿيندو، عوام اليڪشن ۾ سوال ڪندو ته پي ڊي ايم عمران خان کي گهر ته ڀيڙو ڪيو ۽ ٺيڪ آ عمران خان ملڪ کي هلائي نه پئي سگهيو ته پوءِ اوهان ملڪ سان باقي برو حشر ڇو ڪيو؟ عمران خان جي حڪومت دوران ڊالر 183 روپيه هيو. هاڻي +200 آهي. هن وقت نگران سيٽ اپ لاءِ پنڊيءَ ۾ انٽرويو جاري آهن. وري زرداري صاحب جو چوڻ آهي ته بي اعتمادي رٿ آڻڻ ۽ ان کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ مون وڏي محنت ڪئي آهي ان مٿان پاڻي نه ڦيريو وڃي. گهوڙا به مون خريد ڪيا. گهوڙن جي خريدڻ تي منهنجا ارب روپيه خرچ آيا. ائين نه ڪيو في الحال حڪومت کي هلايو. آءٌ توهان سان گڏ آهيان. پر اصل ۾ گيم ٻئي آهي.

ن ليگ مولانا فضل الرحمٰن کي صدارتي واري ڪرسي تي ويهارڻ نه ٿي چاهي. ان حوالي سان به تازو ڪجهه ڏينهن اڳ آصف زرداري ۽ مولانا فضلا الرحمٰن وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. آصف زرداري جيڪي ايم ڪيو ايم سان واعدا ڪيا هئا. اهي به في الحال ان ڪري پورا ڪونه ٿا ٿين ته جيڪڏهن حڪومت تڪڙي هلي وڃي ٿي ته پوءِ ايم ڪيو ايم کي ڀلا گورنر شپ ۽ وزارتون ڇو ڏيون؟ هن وقت به شهباز شريف کي بيساکين جي ٽيڪ آصف زرداري ڏيون بيٺو آهي. جيڪڏهن زرداري بيساکي هٽائي ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف دير ڪرڻ بنا هيٺ ڦهڪو ڪري ڪري پوندو. زرداري صاحب ن ليگ کي اهڙو ته ڦاسايو آهي جو آڏو درياء پويان باهه آهي. پر منهنجي اطلاع مطابق اسٽبلشمينٽ ان ڳالهه تي بضد آهي ته جون جي بجٽ کان پوءِ جولاءِ ۾ حڪومت گهر ڀيڙو ٿيندي ۽ نومبر ۾ نئين حڪومت اقتدار سنڀالي. هن وقت زرداري صاحب شهباز شريف کي دلاسا ته ڏيئي ٿو. پر اڳيان اسٽبلشمينٽ کي ڪير سمجهائيندو؟ جيڪو هڪ سوال آهي. يعني اسٽبلشمينٽ کي ڪير قائل ڪندو؟ ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. ملڪي معيشت بهتر ٿي ويندي؟

حڪومت اسٽبلشمينٽ کان گارنٽي گهري ٿي ته اسان جيڪڏهن سخت معاشي فيصلا به ڪيون ته اسان جو ساٿ ڏنو ويندو؟ بهرحال موجوده حڪومت لاءِ ايندڙ 48 ڪلاڪ تمام اهم آهن. حڪومت کي جيڪڏهن اسٽبلشمينٽ کان گارنٽي ملي ٿي ته پوءِ ملڪ جي عوام لاءِ سخت معاشي فيصلا ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن حڪومت سخت معاشي فيصلا نه ٿي ڪري ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته اسٽبلشمينٽ عوام سان گڏ آهي ۽ اسٽبلشمينٽ نه ٿي چاهي ته سخت معاشي فيصلا نه ڪيا وڃن. اها ڳالهه به ڄاڻڻ گهرجي ته جيڪي به ملڪ خوشحالي کان پوءِ سخت معاشي مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿا آهن جو اتان جي حڪمرانن ڪرپشن ڪري ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي. 75 سالن گذرڻ کان پوءِ به ملڪ ترقي ته نه ڪري سگهيو. ويتر ڪنگال ٿي رهيو آهي. ايران ايٽمي ملڪ ڊڪليئر به ناهي پوءِ به پاڪستان کي آفر ڏئي ٿو ته توهان کي گئس، تيل، اناج وغيره گهرجي ته ايران پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اها پاڪستان جي حڪمرانن جي منهن تي چماٽ ناهي ته ٻيو ڇا آهي. بهرالحال ايندڙ 48 اهم ڪلاڪ آهن. هن وقت آئي ايم ايف ميمبرن جو تعداد 179 آهي. پاڪستان پهريون ڀيرو 1958 ۾ جنرل ايوب جي دور حڪومت ۾ آئي ايم ايف وٽ ويو. 0.034 بلين ڊالر قرض ورتو. وري 1965 ۾ 0.157 بلين ڊالر قرض ورتو ۽ ساڳيو قرض صدر ايوب 2 ڀيرا ورتو. 1971 ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آئي ايم ايف کان 0.35 بلين ڊالر قرض ورتو. ۽ 1971 ۾ پاڪستان مٿان 30 ارب روپيا قرض چڙهي ويو. ان کان پوءِ 97 ارب روپيا ٻيو قرض چڙهي ويو. وري 1978 ۾ جنرل ضياء الحق آئي ايم ايف کان 3.17 بلين ڊالر قرض ورتو ۽ ائين 1988 تائين پاڪستان مٿان 523 ارب روپيا قرض چڙهي ويو. 1988 ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اقتدار ۾ آئي ان وقت شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو آئي ايم کان 917 بلين ڊالر قرض ورتو ۽ 1990 ۾ پاڪستان مٿان 711 ارب روپيا قرضن جو بار چڙهي ويو. وري 1993 ۾ نواز شريف جو اقتدار آيو ان آئي ايم ايف کان قرض نه ورتو پر پاڪستان مٿان اندروني ۽ ٻاهريون قرض 1135 ارب روپيا قرض چڙهي ويو.

1993 ۾ ننگران وزيراعظم معين قريشي آئي ايم ايف کان 371 بلين ڊالر قرض وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. وري 1993 ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر اقتدار ۾ ايندي ئي آئي ايم ايف کان 2.16 بلين ڊالر قرض ورتو. ۽ ائين 1996 تائين 1704 بلين روپيا پاڪستان مٿان قرض چڙهي ويو. 1997 ۾ نواز شريف ٻيو ڀيرو حڪومت ۾ ايندي ئي آئي ايم ايف کان 1.59 بلين ڊالر قرض ورتو ۽ 1999 تائين پاڪستان مٿان 2946 بلين روپيا قرض چڙهي ويو. وري پرويز مشرف 2000 ۾ آئي ايم ايف کان قرض ورتو جنهن جو تعداد 2.09 بلين ڊالر هيو. ائين 2008 تائين پاڪستان مٿان 4802 بلين روپيا خير سان قرض چڙهي ويو. وري 2008 ۾ آصف علي زرداري حڪومت آئي ايم ايف کان 10 بلين ڊالر قرض ورتو ۽ 2013 تائين پاڪستان مٿان 14318 بلين روپيا قرض چڙهي ويو. 2013 ۾ نواز شريف ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ آيو ۽ اهو آئي ايم ايف کي ايلاز منٿون ڪري 6.1 بلين ڊالر قرض وٺڻ ۾ سرخرو ٿيو. 2018 تائين پاڪستان مٿان 25000 ارب روپيا قرض چڙهي ويو. ان کان پوءِ تبديلي جو نعرو ڏيندڙ عمران خان 2018 واري اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي آئي ايم ايف وٽ ڪستو کڻي پهتو ۽ آئي ايم ايف کان 6 بلين ڊالر قرض وٺي پاڪستان پهتو. عمران خان جي حڪومت وڃڻ وقت پاڪستان مٿان 45000 ارب روپيا قرض چڙهي ويو. ۽ قرض لاهڻ بدران پاڪستان جا خير خواهه حڪمران ڏينهون ڏينهن آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ کان قرض وٺندي ٿڪجن ڪونه ٿا، پاڪستان جي عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ حڪمرانن ڦاسائي ڇڏيو آهي. موجوده حڪومت به آئي ايم ايف وٽ ويل آهي. پر آئي ايم ايف انتهائي سخت معاشي شرط رکي ڇڏيا آهن جنهن سان موجوده حڪمران ٻڏتر جو شڪار آهن ته آئي ايم ايف جي چوڻ تي معاشي شرط وڌايا وڃن يا نه. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ سبب سنڌ کي وڏو معاشي ڌڪ رسي رهيو آهي. سنڌ ۾ خوراڪ جي شديد کوٽ پڻ پيدا ٿي سگهي ٿي. بهرالحال ڪجهه ڏينهن ملڪ جي معاشي صورتحال لاءِ انتهائي اهم آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.