ڪراچي ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڪراچي ۾ عوامي جمهوري پارٽي پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

عوامي جمهوري پارٽي جي ڪارڪنن ڪراچي جي صدر لعل محمد چانڊيو، نائب صدر رشيد سڌايو، حريف خان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته واپڊا ۽ ارسا جي زيادتين ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب لکين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي رهيون آهن جڏهن ته چوپايو مال اڃ وگھي مري رهيو ۽ ماڻهو پاڻيءَ ڦڙي لاءِ ترپي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته 91ع واري ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي.

هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنجاب پنهنجي مالي مفادن لاءِ سنڌو درياهه تي غير قانوني ۽ غير ضروري ڊيم، بئراج ۽ لنڪ ڪئنال ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي.

اڳواڻن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي، 91ع واري ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي سنڌ جي زراعت ۽ آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.