ڪراچي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن جو پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج.

ڪراچي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

رضوان، فيصل، عروج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ استادن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي استادن جو چوڻ هو ته 2018 ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو جڏهن ته 3 سال پورا ٿيڻ باوجود سنڌ حڪومت اڃا تائين پڪو ناهي ڪيو

هنن سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سمورن استادن کي پڪو ڪري بي چيني ختم ڪئي وئي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.