قمبر ويجھو جوابدار ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

قمبر ويجھو جوابدار ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو.

ڳوٺ بهارو چانڊيو ۾ جوابدار مجاهد چانڊيو اوطاق تي ويٺل نوجوان آصف چانڊيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو.

جوابدار جي فائرنگ ۾ مقتول جو 13 ورهين جو ڀاءُ عاطف چانڊيو زخمي ٿي پيو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال کڻائي وئي، جتان لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

مقتول جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس گھر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.

ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار ٻه مهينا اڳ مبينا طور پنهنجي گهرواري کي به مقتول سان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.