ڄامشوري ۾ سنڌ نيشنل وائيس پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڄامشوري ۾ سنڌ نيشنل وائيس پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ سنڌو دريا ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن سيد ذيشان، مبشر لغاري، رضوان ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سازش تحت سنڌ جو پاڻي روڪي سنڌوءَ کي سڪايو ويو آهي جنهن سبب دريا ريگستان جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته پنجاب جا سمورا ڪئنال پاڻي سان ڀريل آهن ۽ سنڌ جا واھه سڪل آهن.

پنجاب سنڌو درياهه مان زبردستي پاڻي کڻي رهيو آهي جيڪا سنڌ جي حڪمرانن جي نااهلي آهي.

اڳواڻڻ مطالبو ڪيو ته پنجاب جا وهندڙ جلهم ۽ تونسا ڪئنال بند ڪري سنڌو دريا کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.