بيروزگار سلمان بٽ کي نئين نوڪري ملي وئي!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ کي سنگاپور ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن قومي ٽيم جو ڪنسلٽنگ هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

سنگاپور ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سعد جنجوعه تصديق ڪئي ته معاهدي تحت سلمان بٽ سنگاپور ۾ هيڊ ڪوچ طور خدمتون سرانجام ڏيندو، جڏهن ته پاڪستان وومين ٽيم جو ڪوچ جمال حسين به فيلڊنگ ڪوچ ۽ ڪوچ طور ايسوسيئيشن جو حصو هوندو.

سنگاپور جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ پنجن مهينن دوران آءِ سي سي جي ٽن وڏن ايونٽس ۾ جڳهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.

سلمان بٽ طرفان ڪوچنگ جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ ٽي ڪواليفائر ٿيندا، جن ۾ جولاءِ ۾ زمبابوي ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ، آگسٽ ۾ ايشيا ڪپ ۽ ڪئناڊا ۾ آءِ سي سي مينز چيلنج ليگ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.