ريشم جو عمران خان جي جلسن ۾ ويندڙ عورتن کان سوال

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ريشم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي مريم نواز بابت ڏنل بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

ريشم انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته ڪنهن عورت بابت اهي لفظ اهو شخص چئي رهيو آهي، جيڪو اڳ به اهڙا بيان ڏئي چڪو آهي ته عورت جو لباس مردن کي ڇڪي ٿو ۽ ان جي پس منظر ۾ ننڍڙيون ٻارڙيون ريپ جو شڪار بڻجي رهيون هيون.

هن چيو ته هڪ شخص جنهن هميشه عورت لاءِ گندا ۽ ڪڌا لفظ استعمال ڪيا، ڇا عمران خان جي جلسن ۾ عورتون نه سمجهي رهيون هيون ته سندن ئي جنس بابت سندن ليڊر جي راءِ اصل ۾ انهن عورتن جي به بي عزتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.