ڪامريڊ حيدر بخش جهڙا قول ۽ ڪردار جا اڳواڻ گهرجن

صالح بلو

تاريخ ۾ اهي انسان زندهه هوندا آهن جيڪي قول، فعل ۽ ڪردار جا مالڪ ٿين ٿا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي باباءِ سنڌ جي زندگي عملي روپ جو هڪ نمونو هئي. هو ننڍي هوندي کان هوشيار باڪردار سچائي جو پتلو هو. انگريزن جي دور اقتدار ۾ مختيارڪاري کان ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهچي حاڪمن جي ڪرتوتن ۽ وڏيرن جي ظلمن کي اکين سان ڏسندو رهيو ۽پنهنجي ضمير سان ڪيترائي اهڙا فيصلا ڪيائين جيڪي يادگار رهيا.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو عملي ڪردار هو، جنهن ٿيندڙ ظلمن جي پيش نظر ڊپٽي ڪليڪٽري واري نوڪري کي ڇڏي سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو، جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽي ۱۹۳۰ع ۾ سائين جي ايم سيد، جمشيد مهتا ۽ ٻين ميرپور خاص ۾ ٺاهي هُئي ته جئين سنڌ جو ڌڻي، پورهيت ان جو مالڪ ٿئي ۽ مٿس ظلمن  جو خاتمو ٿئي، جنهن سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۱۹۴۵ع ۾ شامل ٿي سنڌ جي جھر جھنگ کي پنهنجو گهر بڻايو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي نه صرف جلسن جلوسن ۾ قيادت ڪندو هو بلڪه پمفليٽ لکي توڙي قانوني ويڙهه ڪري به سنڌ جي حقن ۽ پورهيتن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز بلند ڪندو رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ”جيئي سنڌ نعري جو خالق هو“. جنهن ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ “ نظم پڻ  لکيو. جيڪو هر ڪنهن جي زبان تي رهيو. ان نعري ڪري به ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تي ڪيس داخل ڪيا ويا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ لفظن ذريعي سنڌ جو آواز دنيا تائين پهچايو، جنهن پمفليٽن ذريعي سنڌ جي عوام ۾سجاڳي آندي جيڪو ٽئين تحريڪ ۾ به پيش پيش هو، جڏهن مائي بختاور لاشاري ميرپور خاص جي شهر ٽالهي ۾ اڌ بٽئي لاءِ چوڌري وڏيري سان جهيڙو جوٽيو ۽ ان جي کري تي ويهي رهي ته ظالم وڏيري گولي جو نشانو بڻائي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. جيڪا قرباني به تاريخ جو حصو بڻيل آهي، جنهن علائقي ۾ حڪمرانن ڪافي زمينون پنجابين کي الاٽ ڪيون، ان وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ جلسو ڪري رهيو هو، خبر ملڻ تي هڪدم پهچي ويو ۽ وڏيري خلاف ڪيس داخل ڪرايو ۽ انهن کي سزائون ڏياريائين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي آخري دفعو ڪراچي مان ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن سائين ايم سيد هڪ هوٽل ۾ عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان جي مان ۾ آجياڻو ڏنو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئن ان آجياڻي مان ٻاهر نڪتو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.

جڏهن کيس فوجي عدالت ۾ آندو ويو ۽ ڪامريڊ سميت سڀني کي سزائون ۽ ڏنڊو وڌا ويا غلام نبي شيخ وڪيل تي به ۲۰ هزار ڏنڊ وڌو ويو، جنهن تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي چيو ته اسان کي سزائون ڪيتريون به ڏيو، پر ڏنڊ نه وڌا وڃن. جنهن بعد ڪامريڊ کي مچ جيل بلوچستان موڪليو ويو. جيڪو گرمين ۾ سخت گرم سردين ۾ سخت سرد هوندو آهي. ان وقت پ پ جي مشهور بهادر اڳواڻ قاضي محمد بخش ڌامراهه وڪيل ان وقت جي گورنر جنرل مو سيٰ خان کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سزا ختم ڪرڻ لاءِ چيو ته جنرل موسيٰ خان اردو ۾ چيو ته”مون ان پوڙهي کي مچ جيل موڪلڻ لاءِ چيو آهي ته جيئن مچ ۾ کيس خبر پوي  ۽ اهو به چيو آهي ته ٻين قيدين کان هڪ ڪنمبل گهٽ ڏنو وڃيس جيڪا ڳالهه ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پوٽي پڻ ٻڌائي هئي. جڏهن هو اڪبر بگٽيءَ سان مليا هئا ۽  ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بابت پڇيو ته هن ڪامريڊ جي يادگيرين بابت چيو ته اسان جيل سپريڊٽنٽ مچ جيل کي درخواست لکي ته اسان کي سخت سيءُ ٿئي ٿو، ان لاءِ ۲ ڪنمبل گهٽ آهن اسان کي وڌيڪ ڪنبمل ڏنا وڃن ان وقت ڪامريڊ حيدر بخش کي جيل اچڻ بعد کيس دعوت ڏيئي پنهنجي کولي ۾ گهرايو هو.جنهن اها درخواست پڙهي خاموشي اختيار ڪئي ۽ اسان کي پنهنجي کولي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني.جڏهن اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڏنل دعوت تي سندس کولي ۾ وياسين ته ڪامريڊ کي هڪ ڪنمبل ڏنو ويو هو، جڏهن ته اسان کي ۲ ڪنمبل ڏنل هئا، هڪ ڪنمبل ڪامريڊ کي مليل ڏسي اسان کي ڏاڍي شرمساري ٿي ۽ ڪامريڊ کي چيوسين ته توهان  کي هڪ ڪنمبل مان سيءُ نٿو لڳي، ڪامريڊ جواب ڏنو ته سرڪار جيڪڏهن اهو به ڦري ورتو تڏهن به مان انهن کان ڪا شيءِ ڪو نه گهرندس. جنهن تي اسان ڪامريڊ جي عظمت کي سلام پيش ڪيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اها خواهش رهندي هئي ته هو ون يونٽ کي حياتي ۾ ٽٽنڊو ڏسي، جڏهن ته ون يونٽ خلاف تحريڪون عروج تي پهتل هيون ته ڪامريڊ مچ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد مسلسل بيمار رهيو، جنهن جيل کيس جھوري وڌو هو،

پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي جنرل يحيٰ خان پاران ون يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جيڪو ڪامريڊ جي خواهش جو پورائو هو جڏهن ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن پڻ شيخ مجيب الرحمان سان جدوجهد ڪئي هئي جيڪي عوام جا هڏ ڏوکي هر ظلم خلاف مقابلو ڪندا رهيا، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن سنڌ ٽيننسي ايڪٽ لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيو ته جيئن هارين جي تحفط لاءِ ڪو قانون هجي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو سنڌ جي جي قومي ٻولي سنڌي ۾ لسٽون ڇپائي جي جدوجهد ۽ ٻين تحريڪن ۾ عملي طور شامل رهيو.

سنڌ کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن غيرتمند اڳواڻن جي ضرورت آهي، جيڪي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي سنڌ ڌرتي کي سياسي معاشي غلامي مان نجات ڏياري حاصل ڪيل حقن جو تحفظ ڪرائي سگهن. سنڌ ڌرتيءَ کي بچائڻ ۽ سرسبز بڻائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙا قول جا سچا ۽ اعليٰ ڪردار جا مالڪ بڻجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.